اسرار شام
ٻاراڻي ادب جي ناليواري ليکڪ ۽ صحافي -اسرار شام- جو -جنم- 29 مارچ 1954ع ڌاري ٽنڊي ڄام جي هڪ علمي ادبي گهراڻي ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو حاجي محمد جمعو ميمڻ هو. اسرار جو اصل نالو اسرار احمد ميمڻ آهي. هو ابتدا ۾ روزاني ”سنڌ نيوز“ -اخبار- جو اسٽاف رپورٽر رهيو، بعد ۾ 1987ع کان وٺي سنڌي ٻارڙن لاءِ علمي، ادبي، ثقافتي، معلوماتي ۽ تفريحي ڪتابي سلسلو شروع ڪيائين، جنهن جو نالو ”سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن“ رکيائين. هن وقت تائين -ان- ڪتابي سلسلي جا 60-70 کان وڌيڪ ڪتابڙا منظرعام تي اچي چڪا آهن. پاڻ وقت بوقت سنڌي ٻارڙن لاءِ مختلف تفريحي پروگرامن جو بندوبست پڻ ڪندو رهيو آهي. سنڌي ۽ ردو اسٽيج ڊرامن جي فيلڊ ۾ به وڏو حصو ورتو اٿس. مشهور اسٽيچ ناٽڪ ”لوئي لڄ“ جي گولڊن جوبلي شو تي کيس سونو -تاج- پهرايو ويو. سندس طويل انٽرويوءَ تي مشتمل ڪتاب ”آئون ڪو ڄاڻان“ ڇپجي چڪو آهي، جڏهن ته پندرهن کن اڻ ڇپيل ڪتاب اٿس. سندس علمي ۽ ادبي ڪارنامن تي کيس مختلف سماجي تنظيمن طرفان اوارڊ ۽ ٻلا ڏنا ويا آهن.[1]