اسد جمال پلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڊاڪٽر -اسد- جمال پلي، 3 نومبر 1957ع تي ڳوٺ حاجي بخش پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. سندس والد مرحوم محمد عمر المعروف معمور يوسفاڻي، سنڌ جو ناميارو عالم ۽ اديب ٿي گذريو آهي. ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ مان انٽر ڪيائين، جنهن کان پوءِ بي. اي ۽ اديب فاضل جون ڊگريون ورتائين. بعد ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان ايم. بي. بي. -ايس- ڪري، ڊاڪٽريءَ جو پيشو اختيار ڪيائين. ڊاڪٽر اسدا جمال پليءَ، هن وقت تائين ادبي دنيا ۾ پاڻ کي هڪ نثر نويس طور متعارف ڪرايو آهي، جنهن ۾ هن لطيفيات، سنڌي گرامر ۽ -آثار قديمه- بابت چڱو ڪم ڪيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”وليون وڻ ڦلاريا“ (ترتيب)، ”جيڪي آهي اڄ“ (ترتيب)، ”چنڊ جهڙا پرين“ (ڪلام ولي محمد وفا:ترتيب) ۽ ”وڙهيا، واڳيا، واپريا“ (صوفي صديق فقير سومري جي سوانح ۽ ڪلام جي ترتيب) ۽ ”ڪيا سانگ سانوڻ“ (ڪلام ڪريم پلي:ترتيب) شامل آهن. سندس علمي ادبي خدمتن عيوض کيس ”منٺار فقير اڪيڊمي اوارڊ“ پڻ مليو آهي. هن شاهه جي مختلف سرن ۾ ڪم آيل ٻوليءَ جي صرفي ۽ نحوي بناوتن ۽ شاهه جي شاعريءَ ۾ سور جي فلسفي تي داد لائق تحقيقي ڪم ڪيو آهي. -ان- کان سواءِ پنهنجي والد مرحوم جا ڪيترا ڪتاب (1) ڍوليو ڍٽ ڍڻي (2003) (2) ڀٽائيءَ جو مطالعو (2005ع) ۽ ٻيا ڪتاب ترتيب ڏئي ڇڏيا آهن. هن وقت قاسم آباد، حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.[1]

حوالا[سنواريو]