اسحاق منڱريو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

صحافي اسحاق مڱريو سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ گل حسن سريوال ۾ 6 جولاءِ 1955ع تي محمد صالح مڱريي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪري انٽر سانگهڙ ڊگري ڪاليج مان ڪيائين. بعد ۾ گريجوئيشن ڪيائين. هو حر جماعت سان واسطو رکندڙ آهي. اسحاق پنهنجي شاگرديءَ واري دور کان قومپرست تنظيمن ۾ ڪم ڪرڻ سان پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات ڪئي. ان کان پوءِ ترقي پسند سياست ۾ حصو ورتو ۽ هارين جي حقن واري جدوجهد ۾ به سرگرم رهيو. جنهن کانپوءِ صحافت ڏانهن سندس ڌيان ويو ۽ هن 1992ع کان 1995ع تائين ”جاڳو“ اخبار ۾ سانگهڙ جي عيوضيءَ طور ڪم ڪيو. ان کان پوءِ 1995ع کان 1999ع تائين روزاني سنڌ ۾ ۽ 1999ع کان 2004ع تائين ڪاوش ميڊيا نيٽ ورڪ ۾ ڪم ڪيو. 2004ع کان 2007ع تائين سنڌ ٽي وي تي ڊاڪيومينٽري سيڪشن جو ڊائريڪٽر رهيو. جڏهن ته 2007ع کان 2008ع دوران سنڌ ٽي وي تي اليڪشن سيل جي انچارج طور خدمتون انجام ڏيندو رهيو. اسحاق مڱرئي روزاني عبرت ۽ افيئر مئگزين ۾ فري لانس ڪالم نگار ۽ فيچر رائيٽر طور به ڪم ڪيو آهي. هو انهن ٿورن سنڌي صحافين مان آهي جن تحقيقي صحافت جو رواج وڌو. هن ماحولياتي صحافت کي متعارف ڪرايو ۽ ڪيتريون ئي عالمي پائي جون رپورٽون ۽ فيچر لکيا آهن. هو عالمي ماحولياتي تنظيمن آءِ يو سي اين، ڊبليو ڊبليو ايف ۽ يو اين ڊي پي جي ڪيترن ئي ماحولياتي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو آهي. اسحاق مڱرئي حر تحريڪ، لوڪ وزڊم جي موضوع اينٿراپالاجي، جهنگلي جيوت، ثقافتي ميلن کان ويندي سنڌ جي اهم ڪردارن جي زندگيءَ ۽ تاريخ کي پنهنجي قلم وسيلي عام ماڻهن تائين پهچايو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]