مواد ڏانھن هلو

اسحاق متوفي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسحاق متوفي هڪ سنڌي عالم ۽ شاعر هو، جو 849ع ۾ عباسي درٻار جو مشهور راڳي هو. سندس هڪ منشي سندي ابن علي هو، جنهن راڳن جي باري ۾ ”ڪتاب الشرڪته“ نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ ڏهه باب هئا. انهيءَ منشيءَ،اسحاق جي مرڻ کان پوءِ، بغداد جي ’طاق الزبل‘ پاڙي ۾ ڀاڄين جو دڪان کوليو، جنهن مان پنهنجو قوت ڪندو رهيو.

سنڌ ۾ عربي شاعريءَ جي رواج جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جو سنڌي ڪاريگر، پنهنجي عربي شاعريءَ مان فائدو وٺي، سنڌ جي ٺهيل جتين تي، جي بغداد جون شوقين عورتون نهايت پسند ڪنديون هيون، دلچسپ عربي شعر ڪنڍي دوز ڪندا هئا.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي - سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون؛ رسالو: مهراڻ؛ ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، 1961ع.