مواد ڏانھن هلو

اسحاق آھنگر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسحاق آهنگر، سنڌي ٻوليءَ جي اُنهن اوائلي شاعرن مان آهي، -جن- جو تفصيل نٿو ملي ”حديقة الاولياءَ“ ۾ بيان ٿيل آهي ته شيخ ڀريو، جيڪو اصل ۾ هندو هو ۽ پوءِ مسلمان ٿيو ۽ هڪ مجذوب بزرگ ٿي گذريو آهي، اهو آخري عمر ۾ گنجي -ٽڪر- جي دامن ۾ رهندو هو. هڪ ڀيري هن ڪتاب جو مصنف سيد عبدالقادر سندس خدمت ۾ ويو. اُن وقت هو (شيخ ڀريو) هڪ -بيت- پڙهي رهيو هو. جنهن تي پڇيائينس ته ڪنهن جو -بيت- آهي؟ -ان- تي پاڻمرادو چيائين ته اهو -بيت- ’اسحاق آهنگر‘ (لوهر) جو آهي. عام طرح هيٺيون -بيت- -اسحاق آهنگر- ڏانهن منسوب آهي: ٿيان مان جهرڪ، وهان پرينءَ جي سُپَ تي ڪرن مانَ ڊرڪ، ٻاجهاريءَ ٻوليءَ سين. ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم پڻ بحث ڪندي اهو -بيت- -اسحاق آهنگر- جو ٺهرايو آهي. شيخ ڀريي جي وفات ڏهين صدي هجريءَ ۾ ٿي هئي، يعني هيءُ -بيت- ڏهين صدي هجريءَ (16 صدي عيسويءَ) جو آهي. انهيءَ حساب سان -اسحاق آهنگر- سمن جي دؤر جو شاعر چئي سگهجي ٿو. شيخ ڀريو خود به شاعر هو، جنهن جا ڪجهه -بيت- مشهور محقق هيري -ٺڪر- کي راڻيلا ڳوٺ (گجرات) جي هڪڙي مٺ مان هٿ آيا آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]