استاد بخشيو خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪلاسيڪي سنگيت جو هي ممتاز موسيقار اصل جيسلمير جو رهاڪو هو، تنهن ڪري -استاد بخشو خان- جيسلميري جي نالي سان مشهور هو. رياست خيرپور جي ميرن جي دعوت تي اچي وٽن رهيو هو مگر پوءِ حيدرآباد ۾ اچي مستقل رهائش اختيار ڪيائين. -استاد بخشو خان- سنڌ ۾ اٽڪل سن 1830ع ۾ آيو ۽ هتان جي ماڻهن جي قدردانيءَ سبب هميشه لاءِ هتي جو ٿي ويو. هن تي پڻ دهليءَ جي گائڪي جو اثر هو. پر -ان- ۾ ڪرناٽڪي گائڪيءَ کي ملائي عجيب رنگ پيدا ڪندو هو. هو طبلو ۽ سارنگي ڏاڍي مهارت سان وڄائيندو هو ۽ اهي سندس دل پسند ساز هئا.[1]

حوالا[سنواريو]