استاد امير علي خان
-استاد- -امير- علي خان، 1961ع ڌاري، سخي پير ڪالوني حيدرآباد ۾، -استاد- رمضان عليءَ جي گهر ۾ ڄائو. شروعاتي -تعليم- قاضي عبدالقيوم اسڪول مان حاصل ڪيائين، جڏهن تہ مئٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول ۽ انٽر سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. ننڍي هوندي کان وٺي راڳ سان دلچسپي هئس. ابتدائي سکيا، پنهنجي پيءُ -استاد- رمضان عليءَ کان ورتائين. بعد ۾ خانصاحب -تان رس خان- جي ڏوهٽي، -استاد- واحد حسين خان کان باقاعدي سِکيو. موسيقار نياز احمد خان کان ڪمپوزيشن جي تربيت وٺي 1984ع ۾، پي ٽي ويءَ ڪراچي مرڪز تي اسسٽنٽ ڪمپوزر مُقرر ٿيو. هن وقت تائين سندس گيتن جا 9 کان وڌيڪ البم اچي چڪا آهن. هن لطيف سائينءَ جي شاعريءَ کي چئن ٻولين ۾ ڳائي، “Latif is Great” جي عُنوان سان هڪ البم -جاري- ڪرايو آهي، جيڪو سڪرنڊ جي ناز پراڊڪشن هائوس -جاري- ڪيو آهي. سندس فن جي مڃتا طور ادبي تنظيم ”ڪاروانِ ادب سنڌ“ ۽ آءِ جي سنڌ آفتاب نبيءَ ۽ ڪي.ٽي.اين طرفان کيس ايوارڊ مليا آهن. جڏهن ته 1996ع کان 1998ع تائين لڳاتار ٽي سال، مصري شاهه ايوارڊ حاصل ڪيو اٿس. -امير- علي خان،”سُر شاهه، سمنڊ“ جي نالي سان موسيقيءَ متعلق هڪ ڪتاب لکيو آهي، جيڪو سنڌي لئنگويج اٿارٽي 2007ع ۾ شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ هن لطيف سائينءَ جي اهم راڳن بابت ڄاڻ ڏني آهي. سندس ٻيو ڪتاب شاهہ جي راڳ جي لکيت ۾ نوٽيشن جي -باري- ۾ آهي، جيڪو ڇپائيءَ جو منتظر آهي. موسيقيءَ جي سکيا لاءِ سندس هڪ ادارو ”شاهہ لطيف، ميوزڪ سينٽر“ نالي سان حيدرآباد ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. هن وقت -انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي- ۾ موسيقيءَ جي -استاد- طور سکيا ڏئي رهيو آهي.[1]