مواد ڏانھن هلو

اسان جي سنڌ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سهڻي پبليڪيشن حيدرآباد جي ”آڳاٽو ادب“ سلسلي جو پهريون ڪتاب ”اسان جي سنڌ“، -اپريل- 1972ع ۾ مشهور اديب ۽ پبلشر طارق اشرف، سهڻي پبليڪيشن، الهندي ڪچي، حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، جون 1947ع ۾، موهن پنجابيءَ، -باغي- پبليڪيشن، هندستاني ساهتيه آستان، فريئر روڊ، ڪراچيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو. پهرئين ايڊيشن جو پيش لفظ، نامياري شاعر شيخ -اياز- لکيو هو، جنهن ۾ ورهاڱي کان اڳ جي حالتن تي لکيل اصلوڪين ڪهاڻين جي پسمنظر تي لکندي، شيخ -اياز- سنڌي هندن کي لڏپلاڻ کان روڪڻ ۽ سنڌ ۽ سنڌي سڀيتا سان ڳنڍجي رهڻ جي -تلقين- ڪندي لکيو آهي ته هندو مسلم عوام کي متحد ٿي جاگيرداري ۽ سرمائيداري قوتن جو مقابلو ڪرڻو آهي. هن وڌيڪ لکيو آهي ته هي ڪهاڻيون انهيءَ محبت، اتفاق، حب الوطنيءَ ۽ -بغاوت- جو نتيجو آهن. اڄ اسين -ترقي- پسند اديب هن سماج جي مدي خارج تصورن ۽ رجعت پسند خيالن سان -ٽڪر- کائي رهيا آهيون، جيڪي سياست حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]