مواد ڏانھن هلو

اسان جو عشق اڻپورو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هي ڪتاب سعيد ميمڻ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. پنهنجي ٽهيءَ جو هي پختو شاعر، ڪيترين نين تشبيهن ۽ استعارن جو خالق آهي، 129 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ سعيد ميمڻ جا -بيت-، هائڪا، غزل، نظم، پنجڪڙا ۽ -ترائيل- شامل آهن، ڪتاب جو مهاڳ نوجوان ناول نگار ۽ شاعر منير چانڊيي لکيو آهي. ڪتاب جي قيمت 150 رپيا آهي، جيڪو ’سليٽ‘ -اشاعت- گهر، دانش گاهه منصوريه ٽنڊي قيصر پاران 2010ع ۾ ڇپايو آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]