اساس الفرائض
ڏيک
هيءُ ڪتاب مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ 1192ھ/1778ع کان اڳ -تصنيف- ڪيو. هيءُ ڪتاب فوتيءَ جي ورثي ۽ ملڪيت کي سندس وارثن ۾ شرعي حڪمن مطابق ورهائڻ ۽ -تعليم- جي موضوع بابت آهي، جيڪو عام طرح گرهوڙي صاحب جي سنڌيءَ جي نالي سان مشهور ٿيو. ڪتاب جي -تصنيف- ڪرڻ جو مقصد تعليمي هو. گرهوڙي صاحب مکيه موضوعن جهڙوڪ: ايمان، توحيد، رسالت وغيره کي پڻ منظوم سنڌيءَ ۾ سمجهايو ۽ سندس اهي نظم پڻ پوءِ ”اساس الفرائض“ سان گڏ گرهوڙي صاحب جي سنڌيءَ ۾ شامل ٿي ويا. 1336ھ/1918ع ۾ هيءُ رسالو مخدوم عبدالله جي ”سڱ نامي“ ۽ ٻين چئن ڪتابن سان گڏ، مطبع ڪريمي، بمبئيءَ مان ڇپيو.[1]