ارڻي
ارڻي (انگريزي: Arinni plant ) ارڻي هڪ قسم جو بلڪل سهڻو ٻوٽو آهي جو ٿر ۾ اڪثر ڪري نٿو ٿئي مگر پارڪر ۾ جام آهي. اُٺن جي لاءِ اهو نهايت قوت بخش قوت آهي، ۽ ترن جي ٻُوڙن وانگر ڏاگها هن کي ڍؤ ڪري کائين. جهڙيءَ طرح سنڌ جي ڪن ڀاڱن ۾ رواج آهي ته شاديءَ وقت ساٺن سوڻن ۾ گهوٽ کان عام زالون زوريءَ چوائينديون آهن ته ”ڪانو ڪانو، آءُ ڪنوار جو ٻانهو“ تهڙيءَ طرح ٿر ۾ وري ڪنوار کان سوال ڪندا آهن ته ٿر ۾ سڀني کان ڪهڙو جهاڙ سهڻو آهي ۽ ڪنوار کي ضرور چوڻو آهي ته ”ارڻي“ پوءِ زالون به يڪ آواز گڏجي چونديون ته فلاڻي فلاڻي سان پرڻي. ارڻيءَ جي ڪاٺي پوري ٿيندي آهي، تنهن ڪري ان مان نڙانڊيون ۽ حقن جا نڙ ٺاهيا ويندا آهن.[1]اَرڻي ٿر جي ڀٽن ۾ ان جي لاهن تي ٿئي ٿي. ڏهرن ۽ هيٺاهينءَ زمين ۾ ڪونه اُڀري. پارڪر ۾ گهڻي ٿيندي آهي. هن جو ٿڙيڪو يا ٿلهو ڪونه ٿئي. پر زمين مان شاخون نڪرن جي گڏجي جهڳٽي وانگر ٿي بيهن. ڪامون سنئيون ٿين، جي اندران پوريون هونديون آهن. فقط اڇي ڳردار شئي اندر هوندي آهي جا لوهه جي سنهي شيخ سان گهوڪو ڏيئي ڪڍي ڇڏبي آهي. ۽ ان مان حقي جون نئيون ۽ مير ٺاهيندا آهن. ٿر ۾ مينگهواڙ سوٽي ۽ اوني ڪپڙا تيار ڪندا آهن، انهن کي وڻڪر چئبو آهي. وَڻڪر، ارڻيءَ جيڪامن مان چار- چار انچ کن ننڍا ٽُڪر ڪپيندا آهن، جن کي ”نَريُون“ چون. اُهي ائٽ جي ٽَڪَ ۾ اٽڪائي مٿان ڌاڳو ويڙهي پوءِ اُن کي اُٺ ۽ ٻڪريون کائينديون آهن[2].