مواد ڏانھن هلو

اروڙ يونيورسٽي سکر

اروڙ يونيورسٽي سکر
فائل:Aror University Sukkur logo.png
اروڙ يونيورسٽي جو لوگو
Other name
AUA2DH
قسمپبلڪ سيڪٽر (حڪومت) يونيورسٽي
سرگرم7 جولاءِ 2020 (بطور اروڙ يونيورسٽي)
اپريل 2013 (بطور سنڌ ڪاليج آف آرٽس اينڊ ڊيزائن)
چانسلرسنڌ جو وڏو وزير
وائيس چانسلرزاهد حسين کنڊ
شاگرد600+
پتوروهڙي RCW باءِ پاس N-5، سکر، سنڌ، 65170، پاڪستان پاڪستان
27°39′50″N 68°55′27.2″E / 27.66389°N 68.924222°E / 27.66389; 68.924222
ڪيمپسشهري، 60 ايڪڙ (24 ha)
ويب سائيٽhttps://aror.edu.pk/

اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ، آرڪيٽيڪچر، ڊيزائن اينڊ هيريٽيج سنڌ جي قديم تاريخي شھر اروڙ (جيڪو ڪڏهن سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو) جي ويجهو سکر جي علائقي روهڙي باءِ پاس اين-5 قومي شاهراھ تي واقع هڪ سرڪاري يونيورسٽي آهي.[1] هي يونيورسٽي آرڪيٽيڪچر، ماحولياتي سائنس، ٽيڪسٽائل ڊيزائن، فيشن ڊيزائن، سول انجنيئرنگ، ميڊيا سائنسز، آثار قديمہ، فوٽوگرافي، انٽيريئر ڊيزائن، ڪميونيڪيشن ڊيزائن، سيرامڪس ۽ ٻين شعبن ۾ گريجوئيٽ، پوسٽ گريجوئيٽ ۽ اعليٰ تعليم فراهم ڪري ٿي.

هن يونيورسٽي جو قيام سنڌ حڪومت پاران پارلياماني ايڪٽ تحت سومر 15 جون 2020 تي سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ٿيڻ بعد عمل ۾ آيو.[2] شروعاتي طور تي هي ادارو قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ماتحت سنڌ ڪاليج آف آرٽس اينڊ ڊيزائن جي نالي سان قائم ڪيو ويو هو.[3]

اپريل 2018 ۾، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ميمبر اسيمبلي سيد اويس قادر شاھ پاران هن ڪاليج کي مڪمل يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ لاءِ هڪ خانگي بل پيش ڪيو ويو.[4] اهو بل سنڌ اسيمبلي مان پاس ٿيڻ بعد سنڌ جي گورنر ڏانهن موڪليو ويو، جنھن ڪجهہ مشاهدن سان بل واپس ڪيو. بعد ۾، وڏي وزير جي هدايتن تي ترميم ٿيل بل ڪابينا ۽ اسيمبلي مان منظور ڪيو ويو.[5] بالآخر 15 جون 2020 تي سنڌ اسيمبلي پاران بل جي منظوري ڏني وئي[6] ۽ 15 جولاءِ 2020 تي سرڪاري گزيٽ ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.[7]

فيڪلٽيز

[سنواريو]

يونيورسٽي ۾ هيٺيون فيڪلٽيون شامل آهن:[8]

  • فيڪلٽي آف آرڪيٽيڪچر اينڊ ٽائون پلاننگ (FATP)
  • فيڪلٽي آف ڊيزائن (FoD)
  • فيڪلٽي آف فوٽوگرافي، فائن اينڊ پرفارمنگ آرٽس (FP2A)
  • فيڪلٽي آف هيريٽيج (FoH)

داخلا

[سنواريو]

يونيورسٽي هن وقت هيٺيان انڊر گريجوئيٽ پروگرام پيش ڪري ٿي:

  • بيچلر آف آرڪيٽيڪچر (B.Arch.)
  • BS سول انجنيئرنگ
  • BS ماحولياتي سائنس
  • BS بصري فن (Visual Arts)
  • BS فيشن ڊيزائن
  • BS ٽيڪسٽائل ڊيزائن
  • BS تاريخ
  • BS آثار قديمه
  • BS آرٽيفيشل انٽيليجنس
  • BS ملٽي ميڊيا ۽ گيمنگ
  • BS سائبر سيڪيورٽي

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ "Aror University of Art Architecture Design and Heritages Sukkur".
  2. ↑ Government Bill NO. 11 of 2019 (15 June 2020). "List of Business; ORDERS OF THE DAY". PROVINCIAL ASSEMBLY OF SINDH.{{cite web}}: CS1 maint: numeric names: authors list (ڳنڍڻو)
  3. ↑ "Establishment of Sindh College of Arts & Design at Sukkur". Planning & Development Department, Government of Sindh.
  4. ↑ VII.MOTION FOR LEAVE TO INTRODUCE AND CONSIDERATION OF THE PRIVATE BILLS; Bill No.26 of 2018-The Aror University of Art, Architecture, Design and Heritage Sukkur, Bill, 2018; given notice of by Syed Awais Qadir Shah, MPA (10 April 2018). "List of Business; ORDERS OF THE DAY". PROVINCIAL ASSEMBLY OF SINDH.{{cite web}}: CS1 maint: multiple names: authors list (ڳنڍڻو) CS1 maint: numeric names: authors list (ڳنڍڻو)
  5. ↑ Newspaper edition (28 February 2019). "Sindh okays docs' salary structure equal to Punjab on". The Nation, Karachi.
  6. ↑ FAFEN (15 June 2020). "Sindh PA Amends Rule for Virtual Participation of Lawmakers in Proceedings". Fair Elections, Open Parliament and Good Governance - An initiative of FAFEN.
  7. ↑ AROR UNIVERSITY OF ART, ARCHITECTURE, DESIGN AND HERITAGE, SUKKUR ACT, 2020 (15 July 2020). "Gazette Notification" (PDF). Law Department Government of Sindh.{{cite web}}: CS1 maint: multiple names: authors list (ڳنڍڻو) CS1 maint: numeric names: authors list (ڳنڍڻو)
  8. ↑ AROR UNIVERSITY OF ART, ARCHITECTURE, DESIGN AND HERITAGE, SUKKUR ACT, 2020 (15 July 2020). "Gazette Notification" (PDF). Law Department Government of Sindh.{{cite web}}: CS1 maint: multiple names: authors list (ڳنڍڻو) CS1 maint: numeric names: authors list (ڳنڍڻو)

سانچو:Universities and colleges in Sindh