مواد ڏانھن هلو

ارغون خاندان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ارغون حڪمران کان چوريل)
ارغون خاندان

1520–1555
سانچو:South Asia in 1525 CE
حیثیتسلطنت
گادي جو هنڌبکر
دفتري ٻوليونفارسي
مذهباسلام
حڪومتبادشاهت
ڪرنسيتنڪو، اشرفي ۽ ٻيا اسلامي سڪا


ارغون ، چنگيز خان, جو اولاد آهن۔ جنهن جو تفصيل هن ريت آهي ، ارغون خان, ولد هلاڪو خان, ولد طوطي خان, ولد چنگيز خان، ارغون خان جي اولاد مان مرزا شاھ بيگ, ولد امير ذوالنون, ولد حسن بصري, 924ھ مطابق 1520 ع بابر بادشاھه کان ناراض ٿي ، قندار کان سيوي ۽ گنج آم ( سبي ۽ گندا واه ) ، جي رستي ٺٽي آيو انهي وقت جي حڪمران ڄام فيروز سان لڙائي ڪري ، مٿس فتح حاصل ڪيائين ، ڄام فيروز اطاعت قبول ڪئي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ معاهدو ٿيو ت لڪ علوي ( لڪي) کان هيٺ وارو حصو سمنڊ جي ڪناري تائين ، ڄام فيروز جي هٿ ۾ رهندو ، مگر مير علي اڪبر ارغون, هن جو معون هوندو ، انهي معاهدي موجب مرزا شاھ بيگ ارغون - مير عليڪم ارغون - سلطان مقيم بيگلار, ۽ ڪبيڪ ارغون کي سيوهڻ ۾ مناسب عهدن تي مقرر ڪرڻ بعد ، پاڻ بکر, ڏانهن ڪوچ ڪيو ۽ اتي سلطان محمود خان, ولد مير فضل خان ، ڪوڪشاهن کي جو اڃا پندرهن سالن جو هو ۔ حاڪم مقرر ڪيائين ، بکر جو قلعو کيس پسند آيو ، ۽ رضوي ، ساداتن ۽ ترڪن وغيره کي ، جي گهڻي عرصي تائين اتي رهندا هئا ۔ روهڙي ۾ وڃي رهڻ جو حڪم ڏنائين.

تاريخ

[سنواريو]

ارغون مرڪزي ايشيا مان ايندڙ پهريون حڪمران خاندان هو، جنهن سنڌ کي پنهنجي اقتدار هيٺ آندو ۽ چنگيزي ۽ تيموري روايتون متعارف ڪرايون، جن کي هنن پنهنجي سڄي دورِ حڪومت ۾ برقرار رکيو. ارغونن ۽ سندن جانشين ترخانن تيمورين جي بالادستي تسليم ڪئي ۽ هندستان جي مغل شهنشاهن جو نالو خطبي ۾ پڙهائڻ جي روايت جاري رکي[1] ارغون، هڪ غيرملڪي حڪمران خاندان هئڻ سبب، مقامي ماڻهن سان گهڻي همدردي نه رکندا هئا ۽ پنهنجي خلاف هر قسم جي مزاحمت کي بي رحميءَ سان ڪچلي ڇڏيندا هئا. سندن آمد سان سنڌ جي سياسي ڍانچي ۾ بنيادي تبديلي آئي، ڇاڪاڻ⁠تہ هو رڳو وڏي تعداد ۾ سپاهي ۽ انتظامي عملدار نه آندا، پر شاعرن ۽ عالمن کي پڻ پاڻ سان گڏ کڻي آيا. انهن مان هڪ مراعات يافته طبقو وجود ۾ آيو، جنهن جا مقامي آباديءَ سان يا ته تمام محدود لاڳاپا هئا يا وري ڪو لاڳاپو ئي نه هو.[1]

حڪمران

[سنواريو]

مرزا شاھ بيگ (1521-1555

مرزا شاھ حسن (1555-1592)

ارغون دور جا اهم شاعر

[سنواريو]

قاضي قاضن ( 1463 -1555)

سيد علي ثاني ٺٽوي (1486 - 1573)

راڄيو ستيو دل ( وفات 1569 ڌاري)

درس علاء الدين

شيخ لاڏجيو ( 1523 - 1598)

جرڪس فقير

7 شيخ حلو

8 مخدوم نوح (1506 - 1590)

سيد ابوبڪر لڪياري

ارغون دور جو ادبي جائزو

[سنواريو]

1۔ هي دور فارسي زبان, جي تسلط جو دور آهي ، جنهن ۾ سنڌي قوم سان گڏ سنڌي ٻولي جو ب استحصال ٿيو ۔ فارسي سرڪاري دفتر ، انتظامي ڪاروبار ، خط و ڪتابت ، تعليم ۽ تصنيف ، ادب ۽ شاعري جي زبان بڻجي وئي ۔ فارسي جي ايتري اثر هئڻ باوجود ب ڪيترن ئي سنڌي شاعرن سنڌي ٻولي ۾ اعليٰ  درجي جي شاعري ڪري پنهنجو تاريخي فرض ادا ڪيو.

2۔ هن دور ۾ رومانوي داستانن کي تمشيل طور استعمال ڪرڻ جو عام رواج پيو۔

بيت, ٻن ۽ ٽن سٽن کان وڌي پنجن ۽ڇهن سٽن تائين پهچي ويو۔

4۔ انهن ڏينهن ۾ ڪافي سنڌي شاعري ۾ عام مقبول صنف هئي ، جنهن کي سنڌ جي هيٺئين حصي ۾ وائي چيو ويندو هو ، وائي جا ڪي باقاعده نمونا ت ن ملي سگهيا آهن ۔ پر آخري دور جي آخري شاعر شاھ عنايت رضوي جي رسالي ۾ وائي جا ڪجهه نمونا ملن ٿا۔

5۔ هن دور ۾ تصوف سان گڏ حسن و عشق ۽ هجر و فراق ب سنڌي سنڌي شاعري جا موضوع هئا ، ان کان سواء ان ۾ سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو ب عڪس ملي ٿو۔

6۔ سماع جون محفلون ب ٿينديون هيون ، جن ۾ سنڌي بيت پڙهيا ويندا هئا .

7۔ بيت ۾ وراڻ ۽ تڪرار جا اهڃاڻ ب ملن ٿا۔

8۔ مذهبي شاعري ب ڪئي وئي ، جنهن جو سٽاء گهڻو ڪري الف - اشباع تي ٻڌل هو۔

9۔ سنڌي ٻولي پنهنجي نج صورت ۾ استعمال ڪئي ويندي هئي ، شاھ عبدالڪريم جي شاعري "ٺيٽ سنڌي" جو اعليٰ  مثال آهي۔

10۔ هن دور جي ڪافي شاعري ۾ "ترڪ دنيا" "فنا ۽ بقا" جي چڱي خاصي اپٽار ڪيل آهي ، ان کان علاوه هن دور جي شاعري تي مايوسي ۽ نااميدي جو ب ڪافي اثر آهي ۔ عثمان احساني جي شاعري پڙهڻ سان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ، ت ان وقت سنڌين سان ڪهڙي ويڌن هوندي۔

ارغون دور ۾ سنڌي ادب

[سنواريو]
  • هن دور ۾ ڪافين جي ڳائڻ ۽ چوڻ جو رواج پيو۔
  • هن دور سان وابستا تحريري ادب جو دور شروع ٿيو۔
  • هن دور ۾ سنڌي ۽ فارسي جو تعلق وڌيو۔
  • هن دور جي شاعري ۾ ڪيترائي لفظ ۽ فقرا گروگرنٿ جاسنڌي ۾ ملن ٿا۔
  • سنڌي ادب ۾ روايتي ادب جو اضافو ٿيو۔
  • بيت جي سٽن ۾ سيد علي ثاني ٺٽوي اضافو آندو۔
  • هن دور ۾ ملڪي واڳون ڏيهي حڪمرانن کان ڦري پرڏيهي حڪمرانن جي هٿ ۾ آيون ان جو ردعمل شاعري ۾ ملي ٿو۔
  • هن دور ۾ نثر جا ب ڪيترائي اهڃان ملن ٿا۔

ارغون دور تي تبصرو

[سنواريو]

ارغونن جي آمد سان پناهگيرن ۽ مهاجرن جي هڪ وڏي لهر سنڌ ۾ داخل ٿي. ارغونن جي سنڌ تي قبضي سان ملڪ جو سڄو حڪمران طبقو تبديل ٿي ويو ۽ مقامي اشرافيه جي جاءِ غيرملڪي ماڻهن والاري ورتي. حڪومت ۽ انتظاميا جا تقريباً سڀ اهم عهدا انهن نون مهاجرن جي حوالي ڪيا ويا. مقامي ماڻهن کي سرڪاري خدمتن مان خارج ڪيو ويو ۽ کين انهن بهترين زمينن کان پڻ محروم ڪيو ويو، جيڪي جاگيرن جي صورت ۾ ارغون ۽ ترخان اميرن کي عطا ڪيون ويون[1] ارغونن ۽ ترخانن مسجدون، باغ، محلات، مقبرا، پلون ۽ کوهه تعمير ڪرائي ملڪ جي ظاهري صورت کي به تبديل ڪري ڇڏيو. انهن اميرن کان علاوه، سندن دور ۾ وڏي تعداد ۾ عالِم، فقيه، شاعر ۽ اديب پڻ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. [1]. مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتابن تحفة الڪرام ۽ مقالات الشعرا ۾ انهن عالمن، شاعرن ۽ ٻين مهاجر شخصيتن جا تفصيلي احوال بيان ڪيا آهن. [1].

پڻ ڏسندا

[سنواريو]

راء گهراڻي جي سنڌ تي حڪومت

برھمڻن جي سنڌ تي حڪومت

بنو اموين جي سنڌ تي حڪومت

غزنوين جي سنڌ تي حڪومت

غورين جي سنڌ تي حڪومت

بنو عباسين جي سنڌ تي حڪومت

سومرن جي سنڌ تي حڪومت

سمن جي سنڌ تي حڪومت

ارغونن جي سنڌ تي حڪومت

ترخانن جي سنڌ تي حڪومت

مغلن جي سنڌ تي حڪومت

ڪلهوڙن جي سنڌ تي حڪومت

ٽالپرن جي سنڌ تي حڪومت

انگريزن جي سنڌ تي حڪومت

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 5 Ali, Mubarak (2005). Essays On The History of Sindh. Lahore: Fiction House. ص. —122. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; name "MubarakAli" defined multiple times with different content.

1 سنڌي ادب جي مختصر تاريخ - عبدالجبار جوڻيجو

2۔ تاريخي معصومي - مير معصوم شاھ

3 تاريخ طاهري - محمد طاهر حسين