ارغون خاندان
ارغون خاندان | |
|---|---|
| 1520–1555 | |
| سانچو:South Asia in 1525 CE | |
| حیثیت | سلطنت |
| گادي جو هنڌ | بکر |
| دفتري ٻوليون | فارسي |
| مذهب | اسلام |
| حڪومت | بادشاهت |
| ڪرنسي | تنڪو، اشرفي ۽ ٻيا اسلامي سڪا |
ارغون ، چنگيز خان, جو اولاد آهن۔ جنهن جو تفصيل هن ريت آهي ، ارغون خان, ولد هلاڪو خان, ولد طوطي خان, ولد چنگيز خان، ارغون خان جي اولاد مان مرزا شاھ بيگ, ولد امير ذوالنون, ولد حسن بصري, 924ھ مطابق 1520 ع بابر بادشاھه کان ناراض ٿي ، قندار کان سيوي ۽ گنج آم ( سبي ۽ گندا واه ) ، جي رستي ٺٽي آيو انهي وقت جي حڪمران ڄام فيروز سان لڙائي ڪري ، مٿس فتح حاصل ڪيائين ، ڄام فيروز اطاعت قبول ڪئي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ معاهدو ٿيو ت لڪ علوي ( لڪي) کان هيٺ وارو حصو سمنڊ جي ڪناري تائين ، ڄام فيروز جي هٿ ۾ رهندو ، مگر مير علي اڪبر ارغون, هن جو معون هوندو ، انهي معاهدي موجب مرزا شاھ بيگ ارغون - مير عليڪم ارغون - سلطان مقيم بيگلار, ۽ ڪبيڪ ارغون کي سيوهڻ ۾ مناسب عهدن تي مقرر ڪرڻ بعد ، پاڻ بکر, ڏانهن ڪوچ ڪيو ۽ اتي سلطان محمود خان, ولد مير فضل خان ، ڪوڪشاهن کي جو اڃا پندرهن سالن جو هو ۔ حاڪم مقرر ڪيائين ، بکر جو قلعو کيس پسند آيو ، ۽ رضوي ، ساداتن ۽ ترڪن وغيره کي ، جي گهڻي عرصي تائين اتي رهندا هئا ۔ روهڙي ۾ وڃي رهڻ جو حڪم ڏنائين.
تاريخ
[سنواريو]ارغون مرڪزي ايشيا مان ايندڙ پهريون حڪمران خاندان هو، جنهن سنڌ کي پنهنجي اقتدار هيٺ آندو ۽ چنگيزي ۽ تيموري روايتون متعارف ڪرايون، جن کي هنن پنهنجي سڄي دورِ حڪومت ۾ برقرار رکيو. ارغونن ۽ سندن جانشين ترخانن تيمورين جي بالادستي تسليم ڪئي ۽ هندستان جي مغل شهنشاهن جو نالو خطبي ۾ پڙهائڻ جي روايت جاري رکي[1] ارغون، هڪ غيرملڪي حڪمران خاندان هئڻ سبب، مقامي ماڻهن سان گهڻي همدردي نه رکندا هئا ۽ پنهنجي خلاف هر قسم جي مزاحمت کي بي رحميءَ سان ڪچلي ڇڏيندا هئا. سندن آمد سان سنڌ جي سياسي ڍانچي ۾ بنيادي تبديلي آئي، ڇاڪاڻتہ هو رڳو وڏي تعداد ۾ سپاهي ۽ انتظامي عملدار نه آندا، پر شاعرن ۽ عالمن کي پڻ پاڻ سان گڏ کڻي آيا. انهن مان هڪ مراعات يافته طبقو وجود ۾ آيو، جنهن جا مقامي آباديءَ سان يا ته تمام محدود لاڳاپا هئا يا وري ڪو لاڳاپو ئي نه هو.[1]
حڪمران
[سنواريو]ارغون دور جا اهم شاعر
[سنواريو]1۔ قاضي قاضن ( 1463 -1555)
2۔ سيد علي ثاني ٺٽوي (1486 - 1573)
3۔ راڄيو ستيو دل ( وفات 1569 ڌاري)
5۔ شيخ لاڏجيو ( 1523 - 1598)
6۔ جرڪس فقير
7 شيخ حلو
8 مخدوم نوح (1506 - 1590)
ارغون دور جو ادبي جائزو
[سنواريو]1۔ هي دور فارسي زبان, جي تسلط جو دور آهي ، جنهن ۾ سنڌي قوم سان گڏ سنڌي ٻولي جو ب استحصال ٿيو ۔ فارسي سرڪاري دفتر ، انتظامي ڪاروبار ، خط و ڪتابت ، تعليم ۽ تصنيف ، ادب ۽ شاعري جي زبان بڻجي وئي ۔ فارسي جي ايتري اثر هئڻ باوجود ب ڪيترن ئي سنڌي شاعرن سنڌي ٻولي ۾ اعليٰ درجي جي شاعري ڪري پنهنجو تاريخي فرض ادا ڪيو.
2۔ هن دور ۾ رومانوي داستانن کي تمشيل طور استعمال ڪرڻ جو عام رواج پيو۔
3۔ بيت, ٻن ۽ ٽن سٽن کان وڌي پنجن ۽ڇهن سٽن تائين پهچي ويو۔
4۔ انهن ڏينهن ۾ ڪافي سنڌي شاعري ۾ عام مقبول صنف هئي ، جنهن کي سنڌ جي هيٺئين حصي ۾ وائي چيو ويندو هو ، وائي جا ڪي باقاعده نمونا ت ن ملي سگهيا آهن ۔ پر آخري دور جي آخري شاعر شاھ عنايت رضوي جي رسالي ۾ وائي جا ڪجهه نمونا ملن ٿا۔
5۔ هن دور ۾ تصوف سان گڏ حسن و عشق ۽ هجر و فراق ب سنڌي سنڌي شاعري جا موضوع هئا ، ان کان سواء ان ۾ سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو ب عڪس ملي ٿو۔
6۔ سماع جون محفلون ب ٿينديون هيون ، جن ۾ سنڌي بيت پڙهيا ويندا هئا .
7۔ بيت ۾ وراڻ ۽ تڪرار جا اهڃاڻ ب ملن ٿا۔
8۔ مذهبي شاعري ب ڪئي وئي ، جنهن جو سٽاء گهڻو ڪري الف - اشباع تي ٻڌل هو۔
9۔ سنڌي ٻولي پنهنجي نج صورت ۾ استعمال ڪئي ويندي هئي ، شاھ عبدالڪريم جي شاعري "ٺيٽ سنڌي" جو اعليٰ مثال آهي۔
10۔ هن دور جي ڪافي شاعري ۾ "ترڪ دنيا" "فنا ۽ بقا" جي چڱي خاصي اپٽار ڪيل آهي ، ان کان علاوه هن دور جي شاعري تي مايوسي ۽ نااميدي جو ب ڪافي اثر آهي ۔ عثمان احساني جي شاعري پڙهڻ سان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ، ت ان وقت سنڌين سان ڪهڙي ويڌن هوندي۔
ارغون دور ۾ سنڌي ادب
[سنواريو]- هن دور ۾ ڪافين جي ڳائڻ ۽ چوڻ جو رواج پيو۔
- هن دور سان وابستا تحريري ادب جو دور شروع ٿيو۔
- هن دور ۾ سنڌي ۽ فارسي جو تعلق وڌيو۔
- هن دور جي شاعري ۾ ڪيترائي لفظ ۽ فقرا گروگرنٿ جاسنڌي ۾ ملن ٿا۔
- سنڌي ادب ۾ روايتي ادب جو اضافو ٿيو۔
- بيت جي سٽن ۾ سيد علي ثاني ٺٽوي اضافو آندو۔
- هن دور ۾ ملڪي واڳون ڏيهي حڪمرانن کان ڦري پرڏيهي حڪمرانن جي هٿ ۾ آيون ان جو ردعمل شاعري ۾ ملي ٿو۔
- هن دور ۾ نثر جا ب ڪيترائي اهڃان ملن ٿا۔
ارغون دور تي تبصرو
[سنواريو]ارغونن جي آمد سان پناهگيرن ۽ مهاجرن جي هڪ وڏي لهر سنڌ ۾ داخل ٿي. ارغونن جي سنڌ تي قبضي سان ملڪ جو سڄو حڪمران طبقو تبديل ٿي ويو ۽ مقامي اشرافيه جي جاءِ غيرملڪي ماڻهن والاري ورتي. حڪومت ۽ انتظاميا جا تقريباً سڀ اهم عهدا انهن نون مهاجرن جي حوالي ڪيا ويا. مقامي ماڻهن کي سرڪاري خدمتن مان خارج ڪيو ويو ۽ کين انهن بهترين زمينن کان پڻ محروم ڪيو ويو، جيڪي جاگيرن جي صورت ۾ ارغون ۽ ترخان اميرن کي عطا ڪيون ويون[1] ارغونن ۽ ترخانن مسجدون، باغ، محلات، مقبرا، پلون ۽ کوهه تعمير ڪرائي ملڪ جي ظاهري صورت کي به تبديل ڪري ڇڏيو. انهن اميرن کان علاوه، سندن دور ۾ وڏي تعداد ۾ عالِم، فقيه، شاعر ۽ اديب پڻ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. [1]. مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتابن تحفة الڪرام ۽ مقالات الشعرا ۾ انهن عالمن، شاعرن ۽ ٻين مهاجر شخصيتن جا تفصيلي احوال بيان ڪيا آهن. [1].
پڻ ڏسندا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]1 سنڌي ادب جي مختصر تاريخ - عبدالجبار جوڻيجو
2۔ تاريخي معصومي - مير معصوم شاھ
3 تاريخ طاهري - محمد طاهر حسين