ارجن شاد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ ۽ هند جي نالي واري شاعر -ارجن شاد- جو اصل نالو -ارجن- گوبندرام ميرچنداڻي آهي. سندس -جنم- 17 ڊسمبر 1924ع تي سنڌ ۾ ٿيو. پي.ايڇ. ڊي ”سنڌي غزل“ جي عنوان تي ڪيل اٿس. جيڪا ٿيسز هند ۽ سنڌ ۾ڇپيل آهي. ادبي دنيا ۾ شاعر ۽ نقاد جي حيثيت سان مشهور رهيو آهي. ”-بيوس ۽ نئون دور-“ عنوان سان لکيل سندس ڪتاب، ڪشنچند بيوس تي هڪ اهم مستند ڪتاب آهي. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت هليو ويو. جئه هند ڪاليج جي سنڌي شعبي جو سربراهه رهيو آهي. سندس شاعريءَ جا پنج ڪتاب ڇپيل آهن: ’آءٌ گهٽين جو ڳائيندڙ‘ (1957ع)، ’ڏاهيون ڏک ڏسن‘ (1962ع)، ”انڌو دونهون“ (1982ع) ۽ ”ڌرتيءَ جو درد“ (1997ع). هن روسي شاعريءَ جو ترجمو ”وولگا جي ڪناري“ (1967ع) ڪيو. آل -انڊيا- ريڊيو ۽ -بمبئي- ٽي. ويءَ تي شاعر، ليکڪ ۽ اداڪار جي حيثيت ۾ ڪيترائي ڀيرا شرڪت ڪيائين. ڪونج ادبي مئگزين جا ڪيترا پرچا ايڊٽ ڪيل، ادبي اڪيڊميءَ جي صلاحڪار بورڊ جو ميمبر، ڀارت سرڪار جي سنڌي صلاحڪار بورڊ جو ميمبر، ڪيترين ئي تعليمي ڪاميٽين جو چيئرمئن ۽ ميمبر رهيو آهي. هن 2006ع ۾ لاڏاڻو ڪيو.[1]

حوالا[سنواريو]