مواد ڏانھن هلو

ارجن سڪايل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعر ’-ارجن سڪايل-‘ جو اصل نالو -ارجن- ڏيٿارام ناٿاڻي آهي. سندس -جنم- نومبر 1919ع ۾ سڌوجا، ضلعي نوابشاهه (هاڻي ضلعي نوشهري فيروز) ۾ ٿيو. هن وقت ممبئي (ڀارت) جي علائقي ۾، علالت جي زندگي گذاري رهيو آهي. ’ٽنڊي آدم جو اتهاس‘ (1946ع)، ’-انارڪلي-‘ (1949ع)، ’سنڌي ساهتڪارن جو آلبم‘ (1968ع)، ’-اندرا گانڌي-‘ (سوانح- 1968ع)، ’لينن جي سوانح‘ (1968ع) ۽ ’تنهنجي رڌڻي ۾ تنهنجي اسپتال‘ (صحت بابت مضمون_ 1947ع) ”سنڌو نگر جا سنڌي (1995ع)، ”صحت تنهنجي صلاح منهنجي“ (2004ع). ”سنڌ جو سفر نامو“ (2004ع) سندس مشهور ڪتاب آهن. سنڌي ٻوليءَ ۽ لپي سيکارڻ لاءِ سولا سنڌي ڪتاب به شايع ڪيل اٿس. لينن جي سوانح ڪتاب تي نهرو امن -انعام- مليل اٿس. -ارجن سڪايل- سنڌ جي وڇوڙي تي هند جي سنڌي شاعرن جي چونڊ شاعري ”-آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه-“ ڪتاب ۾ 70 واري ڏهاڪي ۾ ترتيب ڏئي ڇپائي هئي. هن جا پنج ناول 1- هڪ پرش 3 استريون (1961ع)، 2- راجڪماري گيتا (1967ع)، 3- تپسيا ٽٽي پئي (1970ع)، 4- ڪپهه ۽ -باهه- (1972ع)، 5- ڪنڊن -ڀريون- راهون ڇپيل آهن. سندس شعر جا مجموعا، -انارڪلي- (1950ع)، گهمي وڃ سنڌو نگر ڏي يار (لمبي ڪوِتا 1965ع)، سنڌ ۽ چنڊ جا ڪرڻا (1982ع). ”امرت جو ڪلش“ (2004) ڇپيل آهن. هن وقت انڌيري (ويسٽ) ممبئيءَ 53 واري گهر ۾ بيماريءَ جي بستري تي آهي، پوءِ به سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان نينهن نڀائيندو اچي.[1]

حوالا

[سنواريو]