ارجن آسومل ڀنڀاڻي
ڏيک
ارجن آسومل ڀنڀاڻي: 8 سيپٽمبر 1942ع تي شهر ٺاروشاهه، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. بي. ايڊ ۽ ايل. ايل. بيءَ جا امتحان پاس ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت جي شهر -احمد آباد- لڏي ويو. هيءُ ڊرامن جي اداڪار، هدايتڪار، گائڪ ۽ سنگيتڪار طور سڃاتو وڃي ٿو. اٽڪل 30 ناٽڪن ۽ ريڊيو ڊرامن جهڙوڪ ’سماج سيوڪ‘، ’اسان جو به ڪو زمانو هو‘، ’نيلام‘، ’ڪاري ڪنوار‘ ۽ ’مرچوءَ جي ماءُ‘ وغيره ۾ ڪم ڪيل اٿس، گائڪ ۽ سنگيتڪار جي حيثيت ۾ 40 کن گيت ڪمپوز ڪري ڳايل ۽ جدا جدا شهرن ۾ سنگيت پروگرام ڏنل اٿس، آل -انڊيا- ريڊيو -تان- پڻ ڪيترائي دفعا پروگرام ڪيا اٿس.[1]