ارج
ارج، ارجن، آرگيو، معنا اڇو اجرو ٿيڻ
[سنواريو]ڪنھن شئي کي اڇو اجرو ڪجي تہ ان کي ڌوئي پوئي صاف ڪري اگهي سُگهي رکبو تہ اھا اڇري اجري ٿي ويندي آھي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ”اڇو اجرو ٿيڻ“ ھڪ محاورو پڻ آھي، جيڪو تڏھن ڪتب اچي ٿو، جڏھن ڪنھن شئي کي آڇڻو ھجي يا سڀني سامهون آڻڻي ھجي تہ ان کي صاف سٿرو معنا ڏسڻ جھڙو ئي نہ پر وڻڻ جھڙو ڪيو وڃي. ڳوٺاڻا ماڻهو پنھنجو مال متاع وڪڻن تہ پھريون ان کي وھنجاري سھنجاري ڌوئي پوئي اھڙو ڪندا آھن جو وٺندڙ ھرکي پوي. ان وقت اھو چيو ويندو آھي تہ ڦلاڻي جناور کي اڇو اجرو ڪيو ويو.
ھاڻي اھا ڳالهہ تہ ٿي جسماني شين جي، پر ڳالھ ھجي ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جي يعني پنھنجي خيال پيش ڪرڻ جي خاص ڪري تڏھن جڏھن ڪو فيصلو ٿيڻو ھجي، جتي چار پنج چڱا ويٺا ھجن، جتي ڌريون ويھاري سندن ڳالهيون ٻڌي. اھي چار پنج چڱا فيصلو ڪن، تڏھن بہ اھو چيو ويندو آھي تہ ”ڳالھ کي اڇو اجرو ڪري“ سمجهيو ويو. يعني دليلن کان پوءِ يا ڌرين جون ڳالهيون ڀليءَ ريت پرکيون ويون. تنھن کان پوءِ ئي ھي فيصلو ڪيو ويو آھي. مطلب تہ ڪنھن ڳالهہ يا موقف کي ثابت ڪرڻ لاءِ جيڪي آڏيون پڇائون ڪري جهول ڪڍي صفا تُز ۽ پيش ڪرڻ جوڳي ڳالھ ڪجي تہ اھو ٿيندو ”ڳالهہ اڇي اجري ڪرڻ.“
مٿي بيان ڪيل ”اڇي اجري ڪرڻ واري وارتا“ کي جيڪڏھن پاڻ انگريزي زبان ۾ ڏسئون تہ ان آڏي پڇا ڳڇا واري ڪرت کي اھي سڏيندا آھن ”آرگيو ڪرڻ“ (to argue). سو انگريزيءَ ۾ آرگيو ڪرڻ کي ڪيئن ڏسن؟ اچو تہ ھارپر ڊگلس جي لغت ۾ ڏسئون: c. 1300, "to make reasoned statements to prove or refute a proposition," from Old French arguer "maintain an opinion or view; harry, reproach, accuse, blame" (12c.), ultimately from Latin arguere "make clear, make known, prove, declare, demonstrate"
”آرگيو“ لفظ انگريزيءَ ۾ 13 صديءَ ۾، فرينچ ٻوليءَ جي ”آرگوي“ جي شڪل ۾ آيو، جتي اھو لاطينيءَ جي ”آرجري“ ٻول مان ڦُٽو ھو. ھُو ھڪ وک اڃا اڳتي وڌندي لکن ٿا تہ اھو اصل ۾ ھزارين سال اڳ ”سنڌو“ ٻول ”آرج“ مان آيو، جنھن جو مطلب آھي اڇو اجرو ڪرڻ، چٽو ڪرڻ. ھارپر ڊگلس ان مامري تي ھينئن لکيو آھي:
from a suffixed form of PIE root *arg- "to shine; white"). The transmission to French might be via arguere in a Medieval Latin sense of "to argue," or from Latin argutare "to prattle, prate," frequentative of arguer. [1]
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏسون تہ ان ”ارج يا ارجن“ ٻول آھي ڇا؟ ڊاڪٽر نبي بخش خان جي جامع سنڌي لغات ۾ ھي صاحب ارجن ٻول جي معنا ھينئن پيا لکن: اَرجُن = اڇو چاندي رنگ، چٽو، صاف. [2]
مھاڀارت واري جنگ ۾ پانڊؤ ڀائرن ۾ ڪرشن مھاراج جي ننڍي سورھيہ ڀاءُ جو نالو پڻ ”ارجن“ ھئو، جنھن جو بہ اصل ۾ مفھوم اڇو، چانديءَ جيان آھي. جيڪو جنگ نہ ڪرڻ لاءِ وڏي ڀاءُ ڪرشن سان زبردست قسم جي بحثا بحثي پڻ ڪندو ھئو، جنھن جي تفصيل کي جناب ”مونيئر وليم“ ٻولين جي بڻ بڻيادن ۽ انهن جي تصورن تائين پھچڻ لاءِ پنھنجي لغت ۾ ذڪر ڪيو آھي، جنھن جو حوالو ھيٺ ڏجي ٿو:
[3]
ھزارين سالن کان لفظ ”ارجن“ ڪتب ايندو پئي رھيو آھي، پر لڳي ائين ٿو تہ عربن جي ڪاھن ۽ ان جي نتيجي ۾ مسلمان ٿيڻ کان پوءِ ھتي ارجن ٻول ۽ ان جو ورجاءُ کي تلف ڪري ڇڏيو ويو. ھڪ اھم ڳالھ تہ ٻول ارجن تان ڪيترا لفظ ٺاھيا، ان جو تفصيل ھيٺ ڏجي ٿو:
argent; Argentina; Argentine; Argo; argue; Argus; hydrargyrum; litharge. [4]
اڄ پوري دنيا ۾، ٻوليدان ۽ لسانيات جا ماھر ھڪ اھڙي ٻوليءَ کي يورپي ٻولين جي ماءُ سڏيندي پنھنجي کوجن جا دائرا پيا وڌائينِ جنھن لاءِ ھُو ٿا چون تہ اڄ اھا ٻولي مري وئي آھي. پر ھتي پاڻ انهن ٻولن کي ٻڌون يا ڏسون تہ اسان کي انھن جو لڳ لاڳاپو سنڌي ٻوليءَ سان نظر اچي ٿو. [5]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "argue | Etymology of argue by etymonline". www.etymonline.com. حاصل ڪيل 2025-02-03.
- ↑ "Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2025-02-03.
- ↑ Monier-Williams, Sir Monier (1872) (en ۾). A Sanskṛit-English Dictionary Etymologically and Philologically Arranged: With Special Reference to Greek, Latin, Gothic, German, Anglo-Saxon, and Other Cognate Indo-European Languages. Clarendon Press. https://books.google.com.pk/books?id=FzRDAQAAMAAJ&pg=PA83.
- ↑ "*arg- | Etymology of root *arg- by etymonline". www.etymonline.com. حاصل ڪيل 2025-02-03.
- ↑ محقق ۽ ٻوليدان؛ امر فياض ٻرڙو