ارائونڊ دي ورلڊ
ارائونڊ دي ورلڊ الطاف شيخ جو سفرنامو ”ارائونڊ دي ورلڊ“ جنهن جو مهاڳ حميد سنڌي لکيو آهي، سندس مهاڳ جو عنوان آهي ”سنڌ جو ڪولمبس “ هن ڪتاب ۾ 191 صفحا آهن ۽ نومبر 1982ع ۾ ڇپيو.
ارائونڊ دي ورلڊ سفرنامي جي شروعات ۾ ڪجهه ملڪن ۽ ماڻهن جي گڏيل ڄاڻ ڏنل آهي ۽ ان کان پوءِ پورٽ سعيد (مصر)، آروس(ڊينمارڪ)، ڪئناڊا، بالٽيمور (آمريڪا)، ٽوڪيو(جاپان) ميڊيٽيرنين سمنڊ، ڪولمبو (سريلنڪا)، انگلينڊ راسٽڪ (ايسٽ جرمني) چين، عرب، عربي زبان وغيره جي ڄاڻ ملي ٿي. هن ڪتاب ذريعي الطاف شيخ وڌيڪ ڄاڻ ڏيندي لکي ٿو ته ”ناروي ۾ اسان جا پاڪستاني جام آهن، اوسلو ته سڄو ڀريو پيو آهي، اتر ناروي ۾ جتي سيارو ته سخت ٿڌو ٿئي (گوڏن جيتري برف جي ٻوري ۾ هر شي ڍڪي پئي هوندي آهي ۽ ٽيمپريچر ڪاٽو ويهه پنجويهه ڊگرين تائين وڃي نڪرندو آهي)، پر اونهارو به اسان جي سياري کان گهڻو ٿڌو ٿيندو آهي، نارويجن ماڻهو ايترو صلح پسند ۽ نرم دل آهن جو ڪنهن پکي يا جانور کي به هروڀرو نه ستائين، ناروي ۾ سماجي ۽ جنسي آزادي آهي، بنا شادي جي ٻار ڄڻڻ به خراب نه ٿو سمجهيو وڃي.“ناروي، ڊئنمرڪ ۽ سويڊن جا ملڪ ”اسڪينڊينيويا “ پڻ سڏجن، اهي ملڪ ذري گهٽ هڪ قوم سمجهي وڃي ٿي، سندن زبان به هڪٻئي سان ملي ٿي، ايتري قدر جو ڪو ڊئنش پنهنجي زبان ڊئنسڪ ڳالهائيندو ته نارويجن سمجهي ويندو پوءِ هو ڀلي کڻي ڊينسڪ ڳالهائي نه سگهي، رنگ، قد بت، نقش روپ ۾ به ڪو خاص فرق نه اٿن، گهڻي ڀاڱي سڀ اڇي رنگ جا قداور، ڀورن وارن ۽ آسماني يا ناسي اکين وارا، سڪندر اعظم جي قبر تي هڪ شعر لکيل آهي، جنهن جو مفهوم هي آهي:
”۽ هاڻ هي مٽيءَ جو ڍير هن لاءِ تمام گهڻو آهي جنهن شخص لاءِ جڏهن جيئرو هو سڄي جهان جي ڌرتي به ٿوري هئي.“ نيل نديءَ جي کاٻي ڪپ تي سقارا ۽ داهشور شهرن وٽ فرعونن جا ٺهيل پرامڊ ٿا ڏسجن ته سڪندر وارو زمانو به انهن اڳيان پوءِ جو ڄاول ٻار ٿو لڳي، سڀ کان پراڻو پرامڊ، عيسوي سن کان به 2650 سال اڳ ”جوسر فرعون “ لاءِ تيار ڪيو ويو هو ۽ اها دنيا جي پراڻي ۾ پراڻي پٿر جي ٺهيل شيءِ آهي جا اڄ تائين با سلامت بيٺل آهي. مصر جي يونيورسٽي Cairo University ۾ پنجانوي هزار شاگرد تعليم وٺن ٿا ۽ اها يونيورسٽي نه فقط وچ اوڀر ۾ پر سڄي دنياجي وڏي ۾ وڏي آهي. هندستان جي موهن سنگهه اوبيراءِ سخت محنت، پورهئي، هوش ۽ جذبي ۽ سٺي ڀاڳ کيس ايسٽ انڊيا هوٽلس جو چيئرمين ۽ ٽن کنڊن ۾ سندس هوٽلن جو بادشاه بڻائي ڇڏيو آهي، اوبيراءِ نالي هوٽلون نه فقط هندستان ۾ آهن پر اسپين کان انڊونيشيا تائين پکڙيون پيون آهن.سئيز ڪئنال نومبر 1869ع ۾ کوٽجي راس ٿيو هو، فرانس جي راڻي Empress Eugenie ڪيو، 19566ع ۾ ڪئنال مرحوم جمال عبدالناصر نئشنلائزڊ ڪيو ۽ ڪئنال جي سالياني ڪرائي اٽڪل 2270000000 ڊالر مصر کي ملڻ لڳي، 1967ع جي ڇهن ڏينهن واري لڙائي بعد هي ڪئنال نو سال کن بند رهيو، سڄي ڪئنال ٽپڻ ۾ تيرهن چوڏهن ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا. ”ڊئنمارڪ ۾ جنهن کي نوڪري ناهي، ان کي سرڪار طرفان ڀتو ملي ٿو، جنهن مان هو سولائي سان جاءِ جي مسواڙ، لائيٽ جو بل، کاڌو پيتو ۽ ڪپڙو لٽو خريد ڪري سگهي ٿو ۽ اهو ڀتو نوڪري واري پگهار جو نوي سيڪڙو ٿو ملي“[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ الطاف شيخ جي سفرنامن جو جائزو؛ مھر خادم؛مھراڻ رسالو؛1992؛جلد،45؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو