ادبي دفاع

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ادبي دفاع ۽ معذرت (Apology) اهڙي تحرير، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي خيالن جي دفاع ۾ وضاحت ڪري. سقراط پاڻ تي لڳل الزامن جي وضاحت ۾ عدالت اڳيان جيڪو بيان ڏنو ان کي افلاطون ‘The Apology’ جي نالي سان پڌرو ڪيو. افلاطون شاعرن کي پنهنجي آدرشي رياست مان خارج قرار ڏنو هو. ارسطوءَ شاعريءَ جي دفاع ۾ “Poetics” ڪتاب لکيو. فلپ سڊني (1554-1586ع) شاعريءَ جي دفاع ۾ “Apology for Poetry” لکيو. اهڙي طرح علامه آءِ آءِ قاضيءَ (1886-1968ع) جارج برنارڊ شا (1856-1950ع) جي ڪتاب “ڪاري ڇوڪري خدا جي تلاش ۾” جي جواب ۾ اسلامي تصوف جي وضاحت لاءِ “ڀوري ڇوڪري حق جي تلاش ۾” لکيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر:سنڌي لئنگئيج اٿارٽي.