مواد ڏانھن هلو

اداره سچل سرمست

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اداره سچل سرمست شڪارپور جو باني اديب ۽ شاعر آغا عبدالنبي ’عليگ‘ هو. سن 1965ع ۾ هي ادارو قائم ڪيو ويو. شروع کان ئي صوفي جهامنداس ’عاشق‘ ان جو سيڪريٽري رهندو آيو. هن اداري پاران مشاعرن جون محفلون ٿينديون رهنديون آهن. آغا عبدالنبي ’عليگ‘ جي انتقال کان پوءِ غلام نبي ’مير‘ کي ان جو صدر چونڊيو ويو هو. ’مير‘ صاحب جي وفات کان پوءِ سندس وڏي فرزند نور نبي ’مير‘ ان جي سرپرستي ڪئي.[1]

حوالا

[سنواريو]