مواد ڏانھن هلو

هخامنش

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(اخيميني کان چوريل)
ھخامنش
Achaemenes
سائرس ٻئين پاران قائم ڪيل هخامنشي سلطنت جو اصل وڏو

هخامنشي شجري ۾ هخامنش جو مقام
688–675 ق.م.
پيشرو ڪوبه ناهي
جانشين تيسيفاس
نسل تيسيفاس
قديم فارسي هخامنشي (Hakhāmaniš)
گهراڻو هخامنشي
جنم لڳ ڀڳ 8هين صدي ق.م.
ايلام، فارس
لاڏاڻو لڳ ڀڳ 675 ق.م.
ايلام، فارس

هخامنش (قديم فارسي: 𐏃𐎧𐎠𐎶𐎴𐎡𐏁، هخامنش؛ قديم يوناني: Ἀχαιμένης، اخائيمينس، لاطيني: Achaemenēs) فارس جي هخامنشي سلطنت جو اصل وڏو ۽ نالي وارو سردار هو.[1]

هخامنش جي حياتي يا سندس ڪمن بابت، هن جي نسل جو وڏو هجڻ کان سواءِ، ڪا به مستند تاريخي ڄاڻ موجود ناهي. اهو ممڪن آهي ته هخامنش رڳو فارس جي شاهي خاندان جو هڪ افسانوي وڏو هجي. تنهن هوندي به، جيڪڏهن هخامنش واقعي هڪ تاريخي شخص هو، ته هو لڳ ڀڳ 700 ق.م. جي زماني ۾ هوندو.[2]


نالو

[سنواريو]

يورپي ٻولين ۾ استعمال ٿيندڙ قديم يوناني ٻوليءَ ۾ نالو اخيمينس (Ἀχαιμένης), لاطيني ۾ اخيمينز(Achaemenes) اصل ۾ قديم فارسي نالي ھخامنش (𐏃𐎧𐎠𐎶𐎴𐎡𐏁) مان نڪتل آهي، جيڪو ايلامي ٻولي جي لفظ ھئڪامنوئس (𒄩𒀝𒋡𒉽𒉡𒆜) ۽ اڪدي ٻولي جي لفظ اھامنيئس(𒀀𒄩𒈠𒉌𒅖𒀪) سان گڏ، داريوس پهريون جي غير هم‌ عصر ٽن ٻولين واري بيھستون ڪتبي ۾ ملي ٿو۔ قديم فارسي نالي ھخامنشي ۾ روايتي طور لفظ ھخا(haxā) جو معنادوست ۽ منه (manah) جي معنا سوچڻ جي قوت سمجھي وڃي ٿي، جنهن جو مطلب ٿئي ٿو "دوست واري ذهن جو مالڪ"۔[3] هڪ وڌيڪ جديد تشريح ۾ قديم فارسي جي لفظ ھخا (haxā) کي تابعدار جي معنيٰ ۾ پڙهيو وڃي ٿو، جنهن مان مطلب نڪري ٿو تابعدار روح سان سڃاڻپ رکندڙ"۔[3] هي نالو جديد فارسي ٻولي ۾ هخامنش (Haxâmaneš) طور لکيو وڃي ٿو۔

تاريخي حيثيت

[سنواريو]

بيھستون ڪتبي (تقريباً 520 ق.م) ۾، داريوس پھريون، اخيميني يا ھخامنشي کي تيسيفاس جو والد ظاهر ڪري ٿو، جيڪو سائرس اعظم (سائرس ٻيون) ۽ داريوس پھريون ٻنهي جو ابن ڏاڏو هو۔[2] پنجين صدي ق.م جي وچ واري دور ۾، هيروڊوٽس جي ڪتاب تواريخ (7.11) به بنيادي طور ساڳي ڪھاڻي بيان ڪري ٿو، پر هو اخيميني جي پٽ تيسيفاس مان نڪرندڙ ٻن متوازي نسبن کي گڏ ڪري ڇڏي ٿو۔ انهن مختصر ذڪرن کان سواءِ، هن نالي جي پويان موجود شخص بابت ڪا به وڌيڪ ڄاڻ موجود ناهي، نه مقامي ذريعن مان، نه ئي تاريخ نگاري ذريعن مان۔ ممڪن آهي ته اخيميني يا ھخامنشي صرف هڪ اساطيري ابن ڏاڏو هجي، ڪو حقيقي تاريخي شخص نه۔[2][4] ڪيترن ئي عالمن جو خيال آهي ته هو پارسوا (Parsua) جو حڪمران هو، جيڪو ميڊي سلطنت جو هڪ تابع رياست هو، ۽ اتيان هن اشوري بادشاهه سناخريب (Sennacherib) خلاف 681 ق.م ۾ ھلول واري جنگ (Battle of Halule) ۾ فوجن جي اڳواڻي ڪئي[5]

بيھستون ڪتبو

[سنواريو]

ممڪن آهي ته بيھستون ڪتبي ۾ اخيميني يا ھخامنشي سان نسب جي دعويٰ داريوس پهريون پاڻ ٺاهي هجي، جيئن هو پنهنجي تخت تي قبضو ڪرڻ کي جائز ٺهرائي سگهي۔ سائرس ٻئين، سائرس سلينڊر ۾ ڏنل پنهنجي تفصيلي نسب نامي ۾، اخيميني جو ڪوبه ذڪر نٿو ڪري۔[2] جيتوڻيڪ صفت ھخامنشيه (haxāmanišiya) يعني “[ھخامنشي جي] خاندان سان واسطو رکندڙ”—پاسارگادي مان مليل هڪ ڪتبي ۾ ملي ٿي، جيڪا سائرس ٻيون سان منسوب ڪئي وڃي ٿي، پر ممڪن آهي ته اها لکت سائرس جي وفات کان پوءِ داريوس پھريون جي حڪم سان لکي وئي هجي۔[2][6]

انهيءَ صورت ۾، ھخامنشي داريوس اعظم جي هڪ پوئين دور ۾ ٺاهيل تخليق ٿي سگهي ٿو،[7] جنهن جو مقصد سائرس اعظم سان خانداني نسبت کي جائز ثابت ڪرڻ هو۔ داريوس لاءِ اهو انتهائي فائديمند هو ته هن جو ۽ سائرس جو هڪ ئي مشترڪ ابن ڏاڏو ڏيکاريو وڃي، ۽ شايد هن کي صرف سائرس جي ڌيءَ اتوسا (Atossa) سان شادي کان وڌيڪ مضبوط نسبت جي ضرورت محسوس ٿي۔

يوناني ليکڪ

[سنواريو]

قديم دور جي يوناني ليکڪن هن شخص بابت ڪيترين ئي ڏند ڪٿائن کي محفوظ ڪيو آهي:[8] جعلي-افلاطوني مقالو ھريون السيبيڊيز (120e)، جيڪو چوٿين صدي ق.م جي آخر ۾ لکيو ويو، اخيميني کي فارسين (Persái) جو باني-هيرو ڏيکاري ٿو، ساڳئي نموني جيئن يوناني ھرڪيولس مان نسل وٺن ٿا، ۽ ٻڌائي ٿو ته اخيميني ۽ هرڪيولس ٻئي پرسيئس(Perseus) جي اولاد هئا، جيڪو زيوس جو پٽ هو۔ ڪهاڻي جي هڪ ٻي روايت ۾، اخيميني يا ھخامنش کي ايجيئس (Aegeus) جو پٽ ٻڌايو ويو آهي، جيڪو پڻ هڪ افسانوي باني-هيرو هو۔ ٽين صدي عيسويءَ جي ڪلاڊئس ايليانوس (De nat. anim. 12.21) موجب، اخيميني کي هڪ عقاب پاليو هو۔[9]

حوالا

[سنواريو]
  1. Daryaee, Touraj (2014). The Oxford Handbook of Iranian History. Oxford University Press. pp. 122. ISBN 978-0199390427.
  2. 1 2 3 4 5 Dandamayev, M. A. (1983), "Achaemenes", Encyclopædia Iranica, جلد I، حصو 4, Costa Mesa: Mazda, ص: 414۔
  3. 1 2 Schmitt, Rüdiger (1983), "Achaemenid dynasty", Encyclopædia Iranica, جلد I، حصو 4, Costa Mesa: Mazda, صص: 414–426۔
  4. بورڪ، اسٽيڦن (مرتب) The Middle East: The Cradle of Civilization Revealed ص. 216
  5. "Achaemenes | Persian ruler of Parsumash" (en ۾). Encyclopedia Britannica. https://www.britannica.com/biography/Achaemenes-Persian-ruler-of-Parsumash.
  6. Bruce Lincoln. Religion, empire, and torture: the case of Achaemenian Persia, 2007, University of Chicago Press, ص. 4–5
  7. Jamie Stokes (2009). Encyclopedia of the Peoples of Africa and the Middle East, Volume 1. Infobase Publishing. pp. 2–3. ISBN 978-0-8160-7158-6. https://books.google.com/books?id=stl97FdyRswC&q=origin+of+achaemenid+empire+origin&pg=PA2.
  8. Tavernier, Jan (2007), Iranica in the Achaemenid Period (ca. 550–330 B.C.): Linguistic Study of Old Iranian Proper Names and Loanwords, Attested in Non-Iranian Texts, Peeters, آئي ايس بي اين 978-90-429-1833-7۔
  9.  Chisholm, Hugh, وڪي نويس (1911), "Achaemenes", Encyclopædia Britannica 1 (11th ڇاپو), Cambridge University Press, ص: 142

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]