اختر رند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اختر رند (انگريزي:Akhtar Rind) سنڌ، پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو شاعر ،ڪهاڻيڪار ۽ ناٽڪ نويس آهي. سندس ڪتاب به ڇپيل آهن ۽ سندس ڊراما پڻ نشر ٿيل آهن.[1]

زندگي جو احوال[سنواريو]

اختر رند جو اصل نالو اختر علي رند آهي. هن چوٿين فيبروري 1964ع تي ڳوٺ مير رند تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.

تعليم[سنواريو]

هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪوٽڙيءَ مان 1981ع ۾ پاس ڪيائين. سچل آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان 1986ع ۾ گرئجوئيشن ڪرڻ بعد پرائمري استاد مقرر ٿيو.

ادبي خدمتون[سنواريو]

سنڌي ادبي سنگت سان 1987ع کان وابسته آهي، ڪوٽڙي شاخ جو سرگرم ڪارڪن ۽ سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. 100کن ڪهاڻيون لکي چڪو آهي، جيڪي ادبي رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن. سندس ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب،”ڪال گرل“ (1998ع)،”ڪنوارا چپ“ ڇپيا آهن. اختر رند ٽي. ويءَ لاءِ به بهترين ڊراما لکيا آهن. هن پهريون ڊرامو 1996ع ۾ لکيو. پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تان سندس هڪ سيريل ”اوڙاهه“ آرٽ پلي ”پرهه کان پوءِ“، ”نباهه“ ۽ ”جيئدان“ وغيره نشر ٿي چڪا آهن. هن وقت به سنڌي چئنلن لاءِ ڊراما لکندو رهي ٿو.[2]

حوالا[سنواريو]