اختر درگاهي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاعر ۽ اديب اختر درگاهيءَ جو اصل نالو اختر علي ميراڻي آهي. 24 سيپٽمبر 1963ع تي، سنڌ جي تاريخي شهر روهڙيءَ ۾ ڄائو. سندس پيءُ ”درگاهي ميراڻي“ سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ سندس ڏاڏي مائي “بيگم فقيرياڻي“، سنڌ جي نامياري ڪلاڪار ۽ شاعره هئي.[1]


تعليم ۽ خدمتون[سنواريو]

1980ع ۾ روهڙيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ، سنڌي ادب ۽ معاشيات ۾ ماسٽر ڪيائين. هن وقت زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ آفيسر آهي.[1]

ادبي سفر[سنواريو]

هيل تائين سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا، ”گل ۽ مکڙيون“ (ٻارن لاءِ) ۽ ’رنگ، خوشبو ۽ هوا‘ ۽ ”شاعري مُرڪي پئي“ (2000) ڇپجي چڪا آهن، هن بيدل سائينءَ جو اردو ڪلام ترتيب ڏيئي ڇپايو آهي، جنهن تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 1997ع جو ’تحقيقي ادب جو اوارڊ‘ حاصل ڪري چڪو آهي. سکر نئشنل سيمينار 26- 27 مئي 2001ع تي هن جو ٻيو تحقيقي ڪتاب ’تذڪره جهان شاهي‘ ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ 2003ع ۾ سندس ٽيون تحقيقي ڪتاب ”بيدل، بيڪس ۽ سڪايل“ شايع ٿيو. ان کان سواءِ بيدل يادگار ڪميٽيءَ پاران نڪرندڙ مخزن ”بيدل“ جا ڪيترائي شمارا ترتيب ڏئي ڇپائي چڪو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 اختر درگاھي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع