اختر حميد خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مشهور سماج سڌارڪ، سماجي سائنس ۾ مهارت رکندڙ ۽ اسڪالر، ڊاڪٽر -اختر حميد خان- 1914ع ۾ آگري (اترپرديش) ۾ ڄائو. پهريان علي ڳڙهه ۽ پوءِ ڪئمبرج يونيورسٽيءَ مان پنهنجي -تعليم- مڪمل ڪرڻ بعد 1936ع ۾ هن انڊين سول سروس (ICS) جو امتحان پاس ڪري، سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي ۽ ڪيترن ئي عهدن تي ڪم ڪيائين. اڳتي هلي هن نوڪريءَ -تان- استعيفيٰ ڏني. پهريان هڪ ننڍڙي فئڪٽري کولي ۽ بعد ۾ -جامعه- اسلاميه دهليءَ ۾ هيڊماستر مقرر ٿيو. -پاڪستان- ٺهڻ کان پوءِ هو لڏپلاڻ ڪري -اوڀر- -پاڪستان- هليو ويو، -جتي- هن ”ڪوميلا ۾ رورل ڊولپمينٽ اڪيڊميءَ“ نالي هڪ ”اين جي او“ قائم ڪئي ۽ -بنگالي- هارين کي اها ترغيب ڏني ته اهي پنهنجي زندگيءَ جو معيار بهتر بنائن ۽ شهري سهوليت جي حاصلات لاءِ اين. جي. او جي پليٽ فارم تي ماهوار ڪا معمولي رقم بچت ڪري سيڙپ ڪن. اڳتي هلي هن بسن ۽ رڪشائن جي ڊرائيورن لاءِ هڪ اين. جي. او قائم ڪئي. -اوڀر- -پاڪستان- جي -بنگلاديش- بنجڻ کان پوءِ ڊاڪٽر -اختر حميد خان- واري تصور کي عملي روپ ڏيندي ”گرامين -بئنڪ-“، ننڍي سطح تي سيڙپ ۾ شراڪتداريءَ وارو تجربو شروع ڪيو ۽ خاص طور تي -بنگالي- عورتن ۾ ”مائڪرو ڪريڊٽ سسٽم“ کي متعارف ڪرائي ۽ ڪامياب بنائي، ڏکڻ -ايشيا- ۾ اين جي. اوز جي فيصلائتي ڪردار کي مڃتا ڏياري. ڊاڪٽر -اختر حميد خان- -اوڀر- -پاڪستان- واري سانحي کان پوءِ ڪراچيءَ هليو آيو ۽ اتي 1980ع ڌاري هن شهر جي جُهڳين (slums) ۾ نهايت گندي ۽ سڀني شهري سهوليتن کان وانجهيل زندگي گذاريندڙ ماڻهن کي شهري سهوليتون فراهم ڪرڻ ۽ ترقياتي اسڪيمون ڏيڻ لاءِ -اورنگي- پائلٽ پراجيڪٽ جو بنياد وڌو. -پاڪستان- سرڪار کيس سندس خدمتن جي مڃتا ۾ ستاره امتياز ۽ هلال امتياز جا اعزاز ڏنا، جڏهن ته ڊاڪٽر -اختر حميد خان- جي ڏنل تصور تي عمل ڪندڙ ٻين ملڪن به کيس ڪيترائي اعزاز ڏنا، -جن- مان فلپائن جو ميگسي ايوارڊ قابل ذڪر آهي. ڊاڪٽر -اختر حميد خان- ٻن ڪتابن جو مصنف هو ۽ هن ديس پرديس جي ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ سماجي تبديليءَ بابت ڪالم لکيا. ڊاڪٽر -اختر حميد خان- خود انحصاريءَ ۾ ويساهه رکندڙ هو ۽ هن هميشه پرڏيهي امداد واري ڪشڪول جي مخالفت ڪئي. هن جو فلسفو اهو هو ته ”ڪابه پرڏيهي امداد يا -بئنڪ- ڪنهن به ملڪ ۾ ترقيءَ جي حق ۾ ناهي ۽ فقط مقامي ماڻهو پنهنجي سِر ئي پنهنجن علائقن، شهرن ۽ ملڪن ۾ گڏيل سهڪار واري بنياد تي -ترقي- ڪري سگهن ٿا“. ڊاڪٽر -اختر حميد خان- پنهنجي پراجيڪٽ جي حوالي سان آخري وقت تائين هڪ ساک وارو سماج سڌارڪ ڪردار رهيو.. 85 سالن جي عمر ۾ پنهنجي ڌيءَ سان گڏ -آمريڪا- جي دوري تي ويو، -جتي- دل جي دوري پوڻ سبب 9 -آڪٽوبر- 1999ع تي وفات ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]