اختر جھوناڳڙھي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

قاضي احمد ميان -اختر- جهونا ڳڙهي 1897ع ۾ هندستان جي مسلم رياست جهونا ڳڙهه ڪاٺياواڙ جي هڪ قاضي خاندان ۾ پيدا ٿيو. هن جا وڏا محمد -بن قاسم- جي دور ۾ عربستان مان هجرت ڪري سنڌ اچي، -ٺٽي- ۾ -آباد- ٿيا، جيڪي وري 1124ع جي لڳ ڀڳ شهنشاهه فرخ شير جي دور ۾ -ٺٽي- مان لڏپلاڻ ڪري جهونا ڳڙهه ۾ مستقل وڃي رهيا، هن جهونا ڳڙهه جي مهابت مدرسي مان مڊل تائين -تعليم- حاصل ڪئي، قاضي -اختر- جي عملي زندگيءَ جو آغاز 1914ع کان ٿيو. هن 1988ع ۾ ادبي رسالو ’شهاب‘ -جاري- ڪيو، هن جو پسنديده موضوع -اسلامي تاريخ- ۽ -اردو- ادب ۽ -تحقيق- هو. انهن موضوعن تي هن بيشمار مضمون ۽ مقالا لکيا، هن جي -تحقيق- سبب ئي هي ڳالهه سامهون آهي ته -اردو- جي پهرين باقاعده صاحب ديوان شاعر وليءَ جو تعلق اصل احمدآباد سان آهي، جنهن کي ڪافي عرصي کان ولي دکنوي چيو پئي ويو.

ورهاڱي کان پوءِ -اختر جهوناڳڙهي- -پاڪستان- آيو، -جتي- هن ادبي سرگرمين ۾ حصو ورتو، ريڊيو -پاڪستان- ڪراچي -اسٽيشن- -تان- مهيني ۾ ٻه دفعا عالم -اسلام- جي عنوان سان هن جون تقريرون نشر ٿينديون هيون، هي 1953ع کان وٺي وفات تائين سنڌ يونيورسٽي جي -اسلامي تاريخ- جي شعبي ۾ صدر ۽ پروفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين، هن جون ڪيتريون ئي تصنيفون آهن، -جن- ۾: طبقات الامم (صاعد -بن- اندلسي جي ڪتاب جو ترجمو)، -اسلام- جو يورپ تي اثر (ترجمو)، عهد اسلامي ۽ ڪتب خانن جو نظام، اسٽڊي، اورينٽل اينڊ اسلامڪ، زرگل ۽ ٻيا گهڻا ئي ڪتاب لکيائين، هن جي وفات -آگسٽ- 1955ع تي ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]