اختر بلوچ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وَن يونٽ مخالف تحريڪ ۾ جيل ياترا ڪندڙ پهرين نوجوان عورت. سندس اصل نالو زرين -اختر-. پاڻ سنڌ جي ناليواري فنڪاره زرينه -بلوچ- جي نياڻي ۽ مشهور سياستدان غلام قادر پليجي جي گهر واري آهي. 16 ڊسمبر 1951ع تي، ٽنڊي ولي محمد، حيدرآباد سنڌ ۾ -جنم- ورتائين. ابتدائي -تعليم- ٽنڊي ولي محمد جي مسلم گرلز اسڪول ۾ ورتائين. ايم اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ پهرين -ٺٽي- پوءِ ڪراچيءَ ۾ ڪاليج ۾ ليڪچرر مقرر ٿي. پاڻ شاگرد ليڊر رهي چڪي آهي. ’لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپايو تحريڪ‘ دوران جيل به وئي. جيل ۾ لکيل سندس -تصنيف- ”قيدياڻيءَ جي ڊائري“ مشهور آهي. جيڪا هند ۽ سنڌ ۾ شايع ٿي شهرت ماڻي چڪي آهي. سندس نياڻي سسئي پليجو، هن وقت سنڌ حڪومت ۾ -ثقافت- ۽ سياحت کاتي جي وزير آهي. پاڻ هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]