احمد علي خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

صحافي احمد علي خان، جو صحافت جو تجربو 55 سالن تي محيط رهيو. ۽ هو ”ڊان“ توڙي سڄي ملڪ ۾ سڀ کان سينيئر صحافي هو. ”ڊان“ دهليءَ ۾، ڪم ڪرڻ کان پوءِ هن 3 آگسٽ 1947ع کان مئي 1949ع تائين ”ڊان“ ڪراچيءَ ۾ سينيئر اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. آگسٽ 1962ع ڌاري ڪالم نگار ۽ ليڊ رائٽر طور ٻيهر ”ڊان“ ۾ موٽي آيو. ان کان اڳ هن ”پاڪستان ٽائيمس“ ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. فيبروري 1973ع ۾ کيس ”ڊان“ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. 25 سالن کان پوءِ 4 فيبروري 1988ع تي کيس ”ڊان“ جو چيف ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو.

احمد علي خان جي ادارت هيٺ ”ڊان“ جي پروقار روايتن ۽ پڙهندڙن ۾ وڏو واڌارو ٿيو. ايمانداري، غيرجانبداري ۽ ديانتداري، احمد علي خان جي صحافت جون خصوصيتون رهيون. 3 مارچ 2000ع تي پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿيو. سندس وفات 14 مارچ 2007ع تي ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]