احمد رضا بروھي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

امجد بروهي 23 مارچ 1963ع تي سيوهڻ تعلقي جي شهر بوبڪ ۾ جنم ورتو، مئٽرڪ تائين تعليم بوبڪ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن پنهنجي والد شير محمد بروهي جي سرڪاري ملازمت سبب ڄامشوري ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ 1983ع کان روزاني آفتاب اخبار ۾ حيدرآباد سٽي رپورٽر ڪم ڪرڻ سان صحافت ۾ پير پاتو ۽ 1992ع کان هفتيوار اخبار ’رفتار‘ جاري ڪئي، جيڪا هن وقت ضلعي جي مشهور اخبار آهي. ٻن ٽن سالن اندر ماهوار رسالو نئون دور پڻ جاري ڪيو. امجد رضا بروهي ڄامشوري ۽ دادو ضلعي جي سياست جو بهترين تجزيه نگار پڻ آهي، جنهن کي ٻنهي ضلعن جي آبادي ۽ انهن جي سياسي لاڳاپن وغيره جي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي، عام چونڊن توڙي مڪاني ادارن جي چونڊن جا نتيجا گهڻي ڀاڱي اهڙا ٿيندا آهن، جهڙا هو تجزيا ڪندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. احمد رضا بروھي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2013ع