احمد خان اختر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

احمد خان ولد عبدالرحيم ميمڻ، 23 اپريل 1915ع تي ڳوٺ بولاخان شوري، ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. سنڌي فائنل ۽ تپيداريءَ جو ڪورس پاس ڪيائين. تپيدار ٿي رهيو. 1973ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس تصنيفون هيٺينءَ ريت آهن[1]

  1. ’سڻ سڏڙا سيڪڙياتن‘ (شاعري)،
  2. ’واڪا ولهيءَ وس‘ (شاعري)،
  3. ’سڪ، سسئي ۽ سور‘ (شاعري)،
  4. ’گلشن اختر‘ (شاعري)،
  5. ’وهلو وارث ور‘ (شاعري)،
  6. ’نوراني نور‘ (شاعري)،
  7. ’ڏنم ڏکن ڏس‘ (شاعري)،
  8. ’هيڻن هوت حمايتي‘ (شاعري)،
  9. ’ڪيهون ۽ ڪارون‘ (شاعري)،
  10. ’برڪتي بحر‘ (شاعري)،
  11. ’جيجل جي جهوري‘ (شاعري).

حوالا[سنواريو]