احمدخان ڀرڳڙي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
احمدخان ڀرڳڙي

احمدخان ڀرڳڙي 10 جنوري 1972ع ۾ ڄائو.

تعليم[سنواريو]

احمد خان ڀرڳڙي پرائمريءَ تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول غريب آباد بدين منجهان 1982ع ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول بدين مان 1987ع ۾ . هن ٻارهين جماعت گورنمينٽ اسلاميہ ڊگري ڪاليج بدين مان حاصل ڪئي. هن بي اي، يونيورسٽي آف سنڌ، ايم اي، يونيورسٽي آف سنڌ، بي ايڊ، يونيورسٽي آف سنڌ ۽ ايم ايڊ، يونيورسٽي آف سنڌ مان حاصل ڪئي. احمد خان ڀرڳڙي کي ڪمپيوٽر سائنس جي معلومات جو شوق هو. ڪمپيوٽر جي شارٽ ڪورس جي سکيا اداري مان حاصل ڪئي، شوقيہ طور گهرجن پٽاندر آن لائين ريڊنگ وسيلي ڪمپيوٽر بابت گهربل ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ ان ۾ ڳڻپ لائق ڪاميابيون ماڻيون.

ڌنڌو/پيشو[سنواريو]

استاد، سنڌي ڪمپيوٽنگ، سوشل ورڪر.

دلچسپيون/ادبي دنيا[سنواريو]

سنڌي ڪمپيوٽنگ

جڏهن ته احمد خان ڀرڳڙي کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن جي چڱي پرک آهي، ڪافي شاعرن جي شاعري ياد اٿس. احمد خان ڀرڳڙي ڏيک، ويک ۾ تمام سادو انسان آهي. سدائين مصروف زندگي گذاريندڙ احمد خان ڀرڳڙي تعليم کاتي ۾ استاد به آهي.


حوالا http://www.sindhsalamat.com/threads/47235/