احد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اشھد آڱر

احد (Only One) خدا جو نالو. سنڌي شاعريءَ ۾ 12 صديءَ دوران ”انا احمد بالله ميمي“ جو اصطلاح مشهور ٿيو. ”احد“ جو هتي مطلب آهي ’هڪ‘. لفظ ”احمد“ مان ”م“ ڪڍڻ سان ”احد“ ٺهي پوندو آهي. احمد نبي سڳوري جو نالو آهي سندن الله سان نسبت جي حوالي سان اهو نڪتو بيان ڪيو وڃي ٿو. صوفين وٽ ”احد احمد پاڻ ۾، وچان ”ميم“ فرق“ (شاھ) وارو تصور وحدت الوجود جو نڪتو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ