مواد ڏانھن هلو

احتجاج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جڪارتا، انڊونيشيا ۾ 2019 جي احتجاجن دوران پارليامينٽ جي بلڊنگ اڳيان مظاهرو

سانچو:Revolution sidebar احتجاج (جنھن کي مظاهرو پڻ چيو ويندو آهي) سياسي فائدن يا ڪنهن خاص پاليسيءَ خلاف اعتراض، ناپسنديدگي يا اختلاف جو هڪ عوامي عمل آهي.[1] احتجاج کي سهڪار (cooperation) جي هڪ عمل طور به ڏسي سگهجي ٿو جتي ڪيترائي ماڻهو گڏجي ان ۾ شريڪ ٿيڻ جا امڪاني خرچ ۽ خطرا کڻندا آهن.[2] احتجاج انفرادي بيانن کان وٺي وڏن سياسي مظاهرن تائين ڪيترائي روپ اختيار ڪري سگهي ٿو. جڏهن احتجاج هڪ منظم ۽ پرامن مهم جو حصو هجي، ته ان کي سول مزاحمت يا عدم تشدد واري مزاحمت چيو ويندو آهي.[3] ڪڏهن ڪڏهن حڪومتون احتجاج جي حق تي پابنديون لڳائينديون آهن (جيئن ته پرمٽ جي ضرورت)، جنهن جي نتيجي ۾ مظاهرا کليل سول نافرمانيءَ ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. مبصرن نوٽ ڪيو آهي ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ احتجاجن کي روڪڻ لاءِ پوليس جي فوجي طرز جي تيارين (Militarization of police) ۾ اضافو ٿيو آهي.

تاريخي مثال

[سنواريو]
گاندھي برطانوي لوڻ جي قانون خلاف پنهنجي مشهور 'سالٽ مارچ' جي اڳواڻي ڪندي
بحرين ۾ 2011 جي احتجاجن دوران مظاهرين روڊ تي موجود

احتجاج جيڪڏهن حل نه ڪيا وڃن ته اهي وڌي وڏي تحريڪ، بغاوت يا انقلاب جي شڪل اختيار ڪري سگهن ٿا. ڪجهه اهم مثال هيٺ ڏجن ٿا:

  • 1789ع جو فرانسيسي انقلاب
  • 1930ع جو سالٽ مارچ: مهاتما گانڌي پاران هندستان ۾ برطانوي لوڻ جي ٽيڪس خلاف.
  • 1963ع جو واشنگٽن مارچ: آمريڪا ۾ سول رائيٽس موومينٽ جو اهم حصو.
  • 1969ع جا اسٽون وال فساد: نيو يارڪ ۾ هم جنس پرستن جي حقن لاءِ.
  • 1989ع جا تيانمن اسڪوائر مظاهرا: چين ۾ جمهوريت لاءِ.
  • 2010-2012ع جو عرب اسپرنگ: عرب ملڪن ۾ حڪومتن خلاف وڏي لهر.
  • جارج فلائيڊ احتجاج (2020): نسل پرستي ۽ پوليس جي تشدد خلاف عالمي لهر.
  • 2024ع جو جولاءِ انقلاب (بنگلاديش): شاگردن جي اڳواڻي ۾ حڪومت خلاف ڪامياب تحريڪ.

احتجاج جا قسم (Forms)

[سنواريو]

احتجاج ڪيترن ئي طريقن سان ڪري سگهجي ٿو:

  • جلوس (Rally): هڪ هنڌ گڏ ٿي تقريرون ٻڌڻ ۽ نعرا لڳائڻ.
  • مارچ: هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پيدل هلڻ.
  • شمع برداري(Vigil): خاموشيءَ سان يا ميڻ بتيون ٻاري ڪنهن مقصد لاءِ ويهڻ.
  • پڪيٽنگ (Picket): هٿن ۾ بينر کڻي ڪنهن عمارت ٻاهران گهمڻ.
  • سول نافرماني: ڄاڻي واڻي اهڙن قانونن کي ٽوڙڻ جن کي غير منصفاڻو سمجهيو وڃي.
  • بائيڪاٽ: ڪنهن شيءِ يا خدمت کي استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ (مثال طور: ڪرائي جو بائيڪاٽ يا بس جو بائيڪاٽ).
  • هڙتال: ڪم بند ڪري احتجاج ڪرڻ.
  • ڊجيٽل احتجاج: آن لائن پليٽ فارمز تي اعتراض جو اظهار ڪرڻ.

انگ اکر ۽ شماريات (Statistics)

[سنواريو]

احتجاجن جي اثرائتي هجڻ ۽ عالمي رجحانن کي سمجهڻ لاءِ ڪجهه اهم انگ اکر: عدم تشدد بمقابله تشدد (1900-2019)

ايريڪا چينوٿ (Erica Chenoweth) جي تحقيق موجب:

  • ڪاميابي: عدم تشدد واريون تحريڪون 53% ڪامياب ٿيون آهن، جڏهن ته پرتشدد تحريڪون صرف 26% ڪامياب رهيون آهن.
  • شرڪت: جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي آبادي جو 3.5% حصو احتجاج ۾ سرگرم ٿي وڃي، ته حڪومت کي تبديل ٿيڻ تي مجبور ٿيڻو پوي ٿو (جنهن کي 3.5% رول چيو ويندو آهي).

عالمي سطح تي احتجاجن ۾ اضافو

  • 2006-2020: هڪ مطالعي موجب، عالمي سطح تي وڏن احتجاجن جي تعداد ۾ تقريباً تگڻو اضافو ٿيو آهي. سڀ کان وڌيڪ احتجاج سياسي نظام جي ناڪامي ۽ معاشي اڻ برابري خلاف ٿيا آهن.

ميڊيا جو اثر

[سنواريو]
  • هڪ مطالعو ڏيکاري ٿو ته پرامن احتجاجن کي مثبت ميڊيا ڪوريج ملي ٿي، جيڪا عوامي راءِ کي تبديل ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي، جڏهن ته پرتشدد واقعن سان ميڊيا جو ڌيان "امن امان" جي صورتحال تي وڌيڪ هليو ويندو آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "Definition of PROTEST".
  2. Larson, Jennifer M.. Networks of Conflict and Cooperation.
  3. Roberts, Adam. Civil Resistance and Power Politics.