اجين
ڏيک
| اجين | |
| ملڪ | |
| صوبو: | مڌيا پرديش |
| آبادي: | 4,29,933 |
| ٻولي : | هندي، انگريزي |
اُجين (Ujjain) ڀارت جي رياست مڌيا پرديش جو هڪ شهر آهي، جيڪو کپرا ندي جي ڪناري تي واقع آهي. اهو هڪ تمام قديم شهر آهي. اهو وڪرمادت جي بادشاهت جي راڄڌاني هيو. ان کي ڪالي داس جي شهر جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو. سنهسٿ ڪنڀ ميلو هتي هر 12 سالن ۾ منعقد ٿيندو آهي. هن شهر ۾ ڀڳوان شِو جي 12 جيوترلنگن مان هڪ، مهاڪال، واقع آهي. اُجين، مڌيا پرديش جي سڀ کان وڏي شهر اندور کان 55 ڪلوميٽر پري آهي. اُجين جا قديم نالا اونيتڪا، اُجيني، ڪنڪشرنگا وغيره آهن. اُجين مندرن جو شهر آهي. ان جي آبادي لڳ ڀڳ 4,00,000 آهي.