اجتو فقير راڄڙ
ڏيک
اِجتو پٽ شاھ محمد راڄڙ، پاڙو ٻالو ڪلاڻي، ويٺل لڳ ڪنگور، تعلقو شاھ ڳڙھ، رياست جيسلمير، مير علي مراد جي وقت جو سگهڙ شاعر هو. لکمير فقير ۽ اجتو فقير ٻئي همعصر هئا. اجتو فقير جناب مخدوم صاحب هالن واري جو مريد هو ۽ انهيءَ لحاظ سان پنھنجي بيتن ۾ ’سرور شاھ‘ جو نالو آندو اٿس.[1]