مواد ڏانھن هلو

ابو ايليا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابو ايليا , ھڪ سنڌي ڪھاڻيڪار ۽ اردو شاعر آھي ـ ھو لاڙڪاڻي جو رھاڪو آھي ـ پاڻ پائلٽ اسڪول مان ميٽرڪ ۽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان گريجوئيشن ڪيائين. کيس ننڍي هوندي کان وٺي پڙهڻ لکڻ جو شوق رهيوـ ابوايليا ۾ هڪ اهڙي لڇ آهي، جيڪا هن جي ڪهاڻين مان ايان آهي، سا اها ته دين کي ٻن طرفن کان ڇيهو رسيو آهي، هڪ ته انهن کان جيڪي دين جي ويجهو ئي ناهن، پر شايد اهو ايترو وڏو نقصان نه آهي جيترو انهن کان ٿيو آهي جيڪي نالي ماتر مسلمان آهن يا اهي جيڪي پاڻ کي دين جا ٺيڪيدار ٿا سڏائن ٿا. ابو ايليا هڪ اهڙي شخصيت جو مالڪ آهي جيڪو نه ته دنيا جي نشي ۾ مست دين کان اياڻو آهي ۽ نه ئي وري دينداريءَ جي مستيءَ ۾ دنيا کان پاسيرو آهي. بس هو پنهنجي اندر ۽ ٻاهر هڪ اهڙي انسان جي ڳولھا ڪري رهيو آهي، جيڪو يا ته ماڻهونءَ کان انسان بڻجڻ جي منزل ڏانھن وکون کڻي رهيو آهي ، يا وري انسان شناسيءَ جو اهو سفر مڪمل ڪري انسانيت جي معراج تي پھچي چڪو آهي سنڍيڪا اڪيڊمي پاران سندس ڪتاب اندر جو اھاء ڇپجي پڌرو ٿيو آھي ـ [1]

حوالا

[سنواريو]
  1. اندر جو اُهاءُ (ابو ايليا) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, archived from the original on 2017-09-12, retrieved 2017-11-26 {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (help)