مواد ڏانھن هلو

ابو القاسم الزھراوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ابوالقاسم خلف بن عباس الزھراوي
ابوالقاسم خلف بن عباس الزھراوي
الزھراوي جي خيالي تصوير ۾ قرطبہ جي شفاخاني ۾ مريض جو علاج ڪندي.
پیدائش936 CEمدينہ الزھرا، اندلس موجوده ڪارڊوبا، اسپين
وفات1013 (aged 7677)
دوراسلامي سونھري دور
خطواندلس، قرطبہ جي خلافت
مذھباسلام
اھم خيالموجوده طب ۽ جراحي جي اوزارن جو باني، سرجري (جراحي) جو باني
معروف خدمتونڪتاب التصريف

ابو القاسم خلف بن عباس الزھراوي قرطبہ ۾ سال 936ع ۾ پيدا ٿيو، صاحب موصوف جراحت جي فن ۾ نمايان شھرت حاصل ڪئي. ھن جي مکيه ڪتابن مان ھڪ "تصريف" آھي، جنھن جو پورو نالو "التصريف لمن عجز عن التاليف" آھي، جراحت جو ھيءُ پھريون ڪتاب آھي. الزھراوي لکي ٿو ته؛

"جراحت ٻن قسمن جي آھي، ھڪ اھا جيڪا مريض کي مرض کان نجات ڏياري ۽ ٻي اھا جيڪا ھن کي موت سان ملاقات ڪرائي."

أبو القاسم خلف بن العباس الزهراوي؛ 936ع - 1013ع)، جيڪو "الزهراوي" جي نالي سان مشهور آهي، لاطيني دنيا ۾ "البوڪاسس" يا "ابوالقاسس" (عربي ابوالقاسم سان) جي نالي سان مشهور آهي، هڪ طبيب، سرجن ۽ ڪيميا دان هو، جيڪو اندلس جو هڪ طبيب هو. هن کي وچين دور جي عظيم سرجنن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي.

ابو القاسم فن جراحت ۾ خبرداريءَ کي دليري تي ترجيح ڏئي ٿو. جراحت تي ھن ٻيا به ڪيترا ڪتاب لکيا آھن. "ڏنڀ" تي ھن ھڪ خاص ڪتاب لکيو آھي. ھڪ ٻئي ڪتاب ۾ "مثاني جي پٿري" کي ڀڃي ٻاھر ڪڍڻ ۽ اھڙا ٻيا جراحت جا فن بيان ڪيل آھن. ھڪ ٽئين ڪتاب ۾ ھڏن ڀڃڻ ۽ سنڌن نڪرڻ جو مفصل احوال، علاج سميت لکيو اٿس. الزھراوي نه صرف ھڪ بلند پايي جو جراح ھو، پر ان سان گڏ علم طب ۽ حڪمت جي ٻين شعبن تي به کيس اعليٰ دسترس حاصل ھئي. اوزارن جي سواءِ علم الادويه جا مفردات ۽ مرڪبات، ۾ به سندس مٽ زماني ۾ ٿورا عالم ھئا.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. "ابو الڪسيس الزهراوي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. Retrieved 2026-01-27.