ابو البقا بکري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابوالبقا بکري ڏهين صدي هجريءَ جو مشهور صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. بکر ۾ سندس هڪ جهوپڙي هوندي هئي، جتي کانئس ڪيترائي ماڻهو فيضياب ٿيندا هئا. شيرشاهه سوريءَ جي ڪاهه کان پوءِ نصيرالدين همايون بادشاهه لشڪر سوڌو سنڌ ۾ آيو، ته اُن وقت سنڌ جو والي شاهه حسن ارغون هو. همايون بکر جي ٻاهران خيما کوڙيا. ابوالبقا جي بزرگيءَ جي هند ۽ سنڌ ۾ ايڏي ته شهرت هئي، جو همايون بادشاهه سندس جهوپڙيءَ ۾ ساڻس عقيدت سان ملاقات ڪئي. جڏهن شاهه حسن ارغون کي ان ملاقات جي خبر پئي ته هن ڀانيو ته ڪا سازش سٽي وئي آهي، ان ڪري هن ابوالبقا جي جهوپڙيءَ تي تيرن جو وسڪارو ڪرائي، کيس شهيد ڪرائي ڇڏيو. اهو واقعو اندازي موجب 48 947ھ/41 1540ع ۾ رونما ٿيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ابو البقا بکري انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، پاران سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع