ابن صفي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابن صفي اردو ٻوليءَ ۾ جاسوسي ناولن جون سيريز لکندڙ ناليواري ليکڪ جنھن جو اصل نالو اسرار احمد هو. هو سن 1928ع ۾ الھ آباد هندستان ۾ ڄائو. هن آگرا يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪئي. 1947ع ۾ پاڪستان لڏي آيو. سندس ناولن جون ٻہ سيريز ’عمران سيريز‘ ۽ ’جاسوسي دنيا‘ (ڪرنل فريدي ۽ ڪيپٽن حميد جي ڪردارن سان ) سموري ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ پڙهندڙن جو وڏو حلقو پيدا ڪيو. هن ’جاسوسي دنيا‘ جا ’125 ۽ ’عمران سيريز‘ جا 120 ڪتاب لکيا ۽ هر هڪ ڪتاب هزارن جي تعداد ۾ ڇپجڻ باوجود بليڪ تي وڪبو هو ۽ ماڻهو سندس نئين ڪتاب جو بيچينيءَ سان انتظار ڪندا هئا. هنن جاسوسي ناولن ۾ مھم جوئيءَ، تجسس، رومانس توڙي مارا ماريءَ کان سواءِ طنز ۽ مزاح جو زبردست عنصر هوندو هو. اهو ئي سبب هو، جو نوجوان طبقو انهن ناولن کي ڏاڍي چاھ سان پڙهندو هو. سندس لکيل، ”عمران سيريز“ تي مبني هڪ فلم ’ڌماڪا‘ جي نالي سان مولانا هپيءَ (محمد حسين ٽالپر) ٺاهي هئي جنھن ۾ مشھور اداڪار جاويد شيخ (جيڪو پڻ پراڻي ڪراچيءَ جو رهواسي هئڻ ڪري سنڌي آهي)، پھريون ڀيرو هڪ ڪردار ادا ڪيو ۽ خود مولانا هپيءَ بہ ان فلم ۾ اداڪاري ڪئي. ان فلم ۾ ابن صفيءَ جو لکيل غزل ’راھ طلب ۾ ڪون ڪسي ڪا‘ حبيب ولي محمد ڳايو هو، جيڪو گهڻو مشھور ٿيو. . ابن صفيءَ 1980ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]