مواد ڏانھن هلو

ابلڻ جو نقطو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون شيئن جي مايع حالت جي اُبلڻ جي نقطي تي آهي تي آهي. ٻين استعمالن جي لاءِ ابلڻ جو نقطو (سلجھائپ) ڏسو.
پاڻي 273°K يا (100°C) تي 215 ميٽر (705 فوٽ) اچائي تي اُبلندي

ڪنهن به شيءِ جو اُبلن جو نقطو (boiling point) گرمي پد جو اهو ماپ آهي جنهن تي مائع جي بخارات جو دٻاءُ مائع جي چوڌاري دٻاءُ جي برابر ٿي ويندو آهي ۽ مائع بخارات ۾ تبديل ٿي ويندو آهي.[1][2]

مائع جي اُبلن جو نقطو آس پاس جي ماحولياتي دٻاءُ جي لحاظ کان مختلف هوندو آهي. هڪ مايع جيڪو جزوي طور ويڪيوم ڪيل آهي (گهٽ دٻاءُ هيٺ آهي) جو اُبلن جو نقطو ان وقت جي ڀيٽ ۾ گهٽ هوندو آهي جڏهن اهو مائع عام ماحول ۾ هوا جي دٻاءُ تي هوندو آهي. هن ڪري، پاڻي جيڪو معياري حالتن هيٺ (سمنڊ جي سطح جي اچائي ۽ معياري دٻاءُ تي) 373°K يا (100°C) تي اُبلندو آهي. ڏنل دٻاءُ لاءِ، مختلف مائع مختلف گرميء پد تي اُبلندا آهن.[3]

مائع جو نارمل اُبلن جو نقطو، جنهن کي ماحولياتي اُبلن جو نقطو يا معياري دٻاءُ تي اُبلن جو نقطو پڻ سڏيو ويندو آهي، اهو خاص ڪيس آهي جنهن ۾ مائع جو بخارات جو دٻاءُ سمنڊ جي سطح تي معياري دٻاءُ (1 atm) جي برابر هوندو آهي. [4][5] ان گرميء پد تي، مائع جو بخارات جو دٻاءُ فضائي دٻاءُ کي قابو ڪرڻ ۽ بخارات جي بلبلن کي مائع جي وڏي حصي اندر ٺهڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ ڪافي ٿي ويندو آهي. فزڪس ۽ اطلاقي ڪيميا جي بين الاقوامي يونين، IUPAC پاران سال 1982ع کان معياري اٻارڻ جو نقطو گرميء پد جي هن ماپ طور تي بيان ڪيو ويو آهي، جتان اها هڪ بار جي دٻاءُ هيٺ ابلڻدو آهي.[6]

مائع بخارات جي عمل ذريعي پنهنجي اٻارڻ جي نقطن کان هيٺ گرمي پد تي بخارات ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا. بخارات جو ٽھڪڻ هڪ مٿاڇري رويو آهي جنهن ۾ ماليڪيول، جيڪا مائع جي ڪناري جي ويجهو، جتان مائع دٻاءُ سان شامل نه آهن، واقع هوندا آهن، بخارات جي صورت ۾ مٿاڇري سان چوڌاري نڪرجي ويندا آهن.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Goldberg, David E. (1988). 3,000 Solved Problems in Chemistry (1st ed.). McGraw-Hill. section 17.43, p. 321. ISBN 0-07-023684-4. 
  2. Pollution Prevention: The Waste Management Approach to the 21st Century. CRC Press. 1999. section 27, p. 15. ISBN 1-56670-495-2. 
  3. "Boiling Point of Water and Altitude". www.engineeringtoolbox.com. 
  4. Reel, Kevin R.; Fikar, R. M.; Dumas, P. E.; Templin, Jay M.; Van Arnum, Patricia (2006). AP Chemistry (REA) – The Best Test Prep for the Advanced Placement Exam (9th ed.). Research & Education Association. section 71, p. 224. ISBN 0-7386-0221-3. 
  5. General Chemistry Glossary Purdue University website page
  6. Cox, J. D. (1982). "Notation for states and processes, significance of the word standard in chemical thermodynamics, and remarks on commonly tabulated forms of thermodynamic functions". Pure and Applied Chemistry 54 (6): 1239–1250. doi:10.1351/pac198254061239.