مواد ڏانھن هلو

اٻرڻ جو نقطو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ابلڻ کان چوريل)
پاڻي 273°K يا (100°C) تي 215 ميٽر (705 فوٽ) اچائي تي اُبلندي

ڪنهن به شيءِ جو اُٻرڻ جو نقطو (boiling point) گرمي پد جو اهو ماپ آهي جنهن تي پاڻياٺ جي بخارات جو دٻاءُ پاڻياٺ جي چوڌاري دٻاءُ جي برابر ٿي ويندو آهي ۽ پاڻياٺ بخارات ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.[1][2]

پاڻياٺ جي اُٻرڻ جو نقطو آس پاس جي ماحولياتي دٻاءُ جي لحاظ کان مختلف هوندو آهي. هڪ پاڻياٺ جيڪو جزوي طور ويڪيوم ڪيل آهي (گهٽ دٻاءُ هيٺ آهي) جو اٻرڻ جو نقطو ان وقت جي ڀيٽ ۾ گهٽ هوندو آهي جڏهن اها پاڻياٺ عام ماحول ۾ هوا جي دٻاءُ تي هوندي آهي. هن ڪري، پاڻي جيڪو معياري حالتن هيٺ (سمنڊ جي سطح جي اچائي ۽ معياري دٻاءُ تي) 373°K يا (100°C) تي اُبلندو آهي. ڏنل دٻاءُ لاءِ، مختلف مائع مختلف گرميء پد تي اُبلندا آهن.[3]

پاڻياٺ جو نارمل اٻرڻ جو نقطو، جنھن کي ماحولياتي اُٻرڻ جو نقطو يا معياري دٻاءُ تي اُٻرڻ جو نقطو پڻ سڏيو ويندو آهي، اهو خاص ڪيس آهي جنهن ۾ پاڻياٺ جو بخارات جو دٻاءُ سمنڊ جي سطح تي معياري دٻاءُ (1 atm) جي برابر هوندو آهي. [4][5] ان گرميء پد تي، پاڻياٺ جو بخارات جو دٻاءُ فضائي دٻاءُ کي قابو ڪرڻ ۽ بخارات جي بلبلن کي پاڻياٺ جي وڏي حصي اندر ٺهڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ ڪافي ٿي ويندو آهي. فزڪس ۽ اطلاقي ڪيميا جي بين الاقوامي يونين، IUPAC پاران سال 1982ع کان معياري اٻرڻ جو نقطو گرميء پد جي هن ماپ طور تي بيان ڪيو ويو آهي، جتان اها هڪ بار جي دٻاءُ هيٺ ابلڻدو آهي.[6]

پاڻياٺ بخارات جي عمل ذريعي پنھنجي اٻرڻ جي نقطن کان هيٺ گرمي پد تي بخارات ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا. بخارات جو ٽھڪڻ هڪ مٿاڇري رويو آهي جنھن ۾ ماليڪيول، جيڪا پاڻياٺ جي ڪناري جي ويجهو، جتان پاڻياٺ دٻاءُ سان شامل نہ آهن، واقع هوندا آهن، بخارات جي صورت ۾ مٿاڇري تان چوڌاري نڪري ويندا آهن.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]
  • "سانچو:Cite wikisource/make link". The New Student's Reference Work . 1914.

حوالا

[سنواريو]
  1. Goldberg, David E. (1988). 3,000 Solved Problems in Chemistry (1st ed.). McGraw-Hill. section 17.43, p. 321. ISBN 0-07-023684-4.
  2. Pollution Prevention: The Waste Management Approach to the 21st Century. CRC Press. 1999. section 27, p. 15. ISBN 1-56670-495-2.
  3. "Boiling Point of Water and Altitude". www.engineeringtoolbox.com.
  4. Reel, Kevin R.; Fikar, R. M.; Dumas, P. E.; Templin, Jay M.; Van Arnum, Patricia (2006). AP Chemistry (REA) – The Best Test Prep for the Advanced Placement Exam (9th ed.). Research & Education Association. section 71, p. 224. ISBN 0-7386-0221-3.
  5. General Chemistry Glossary Purdue University website page
  6. Cox, J. D. (1982). "Notation for states and processes, significance of the word standard in chemical thermodynamics, and remarks on commonly tabulated forms of thermodynamic functions". Pure and Applied Chemistry 54 (6): 1239–1250. doi:10.1351/pac198254061239.