مواد ڏانھن هلو

اٻڌم پاٺ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ابدھمّ پٽڪ کان چوريل)
اٻڌم پاٺ
قسم ڪيناني متن
اصل متن پالي ٽرپٽڪ
شامل مواد ڌممسنگڻي؛ ويبھنگا؛ ڌاتُڪٿا؛ پُگگلپنّتي؛ ڪٿاوٿو؛ يمڪا؛ پاٺ
جامع اٻڌمّتٿسنگھا؛ اٻڌمّاواتارا
مخفف اٻڌم؛ اڀ؛ اڀ


اٻڌم پاٺ (انگريزي: اعليٰ تعليمات جو ٽوڪرو؛ Tạng Vi diệu Pháp) پالي ٽرپٽڪ جو ٽيون ڀاڱو آهي، جيڪو حتمي ڪيناني مجموعي (Pali Canon) جو حصو آهي، ۽ اهو ٿيرواد ٻڌ مت جي مقدس متنن مان هڪ آهي. ٽرپٽڪ جا ٻيا ٻه حصا وِنايا پاٺ ۽ سُتّا پاٺ آهن.

اٻڌم پاٺ ٻڌ جي تعليمات جو تفصيلي عالمانه جائزو ۽ خلاصو پيش ڪري ٿو، جيڪي سُتّن ۾ ملن ٿيون. هتي سُتّا کي عام اصولن جي هڪ منظم ۽ خاڪي نظام ۾ ٻيهر ترتيب ڏنو ويو آهي، جنهن کي ٻڌ نفسيات سڏيو وڃي ٿو. اٻڌم ۾، سُتّن ۾ پکڙيل تعليمات ۽ اصولن کي گڏ ڪري هڪ مربوط علمي نظام جي صورت ڏني وئي آهي.[1] اٻڌم پاٺ ڪيترن ئي بچيل اٻڌرم ادب جا مثالن مان هڪ آهي، جيڪي تحليلي ۽ فلسفي متن هئا، ۽ جيڪي ڀارت جي شروعاتي ٻڌ اسڪولن طرفان ترتيب ڏنا ويا هئا. اٻڌم پاٺ جي هڪ متن ۾ ٻين شروعاتي ٻڌ اسڪولن سان نظرياتي اختلافن تي به بحث ڪيو ويو آهي.[2] اٻڌم پاٺ ۽ ٿيرواد اٻڌم جو مطالعو ٿيرواد راهبن طرفان هڪ روايتي خصوصيت طور گهريائي سان ڪيو ويندو آهي. اهو پڻ ٿيرواد ٻڌ مت جي مذهبي رسمن جو اهم حصو آهي، جيڪو جنازن ۽ مذهبي ميلن ۾ باقاعدي پڙهيو ويندو آهي.[3][4] اٻدمّ پٽڪ پالي اصولن جي ٽين “ٽوڪري” (Basket) آهي، جنهن ۾ گوتم ٻڌ جون اعليٰ درجي جون فلسفيانه تعليمون پالي ٻوليءَ ۾ مرتب ڪيل آهن. هي پٽڪ حقيقتِ وجود جو منظم ۽ تجزياتي مطالعو پيش ڪري ٿي ۽ ذهني، مادي ۽ روحاني پهلوئن کي غير قصصي انداز ۾ سمجهاڻي ڏئي ٿي[5].

قانوني جوڙجڪ

[سنواريو]

اٻڌھمّ پاٺ ست بنيادي متنن تي مشتمل آهي، جن ۾ ڌمّسنگڻي (ڌرم/وجودي عنصرن جي درجابندي)، ويڀنگ (تجزيو)، ۽ پاٺڻ (شرطي لاڳاپا) شامل آهن. اهي متن ذهن، مادّي صورتن ۽ نجات (نروان) جي اصولن کي سرشتي واري نموني سان پرکين ٿا—اهڙي طرح جو هتي سُتّ پاٺن وانگر روايتي ڪهاڻيون يا وعظي بيان شامل ناهن.

حتمي حقيقتون

[سنواريو]

اٻڌمّ تعليمات حقيقت کي چار “حتمي حقيقتن” جي صورت ۾ بيان ڪن ٿيون:

  • چِتّا (Consciousness) — بنيادي آگاهي يا شعور، جيڪو تجربي کي سڌي طرح ڄاڻي ٿو.
  • چيتسِڪا (Mental Factors) — ذهني حالتون يا ساٿيندڙ عنصر، جهڙوڪ لالچ، نفرت، دانائي يا توجهه، جيڪي چِتّا سان گڏ ڪم ڪن ٿا.
  • روپا (Matter) — مادّي صورتون يا جسمي عنصر.

نِبّانا (Nibbāna) — غير مشروط حقيقت، جنم-مرڻ جي چڪر کان آزادي، جيڪا بصيرت ۽ عملي سڌائيءَ سان حاصل ٿئي ٿي.

اهميت

[سنواريو]

اٻڌمّ پاٺ ٿيراواد ٻڌ مت ۾ فڪري بنياد فراهم ڪري ٿي. هي پاٺ ذهني عملن ۽ حقيقت جي جوڙجڪ کي انتهائي بارڪيءَ سان واضح ڪندي، عملي ڌيان (وِپَسّنا) ۽ اخلاقي تربيت لاءِ نظرياتي فريم ورڪ مهيا ڪري ٿي. اهڙيءَ طرح، اها نروان تائين پهچڻ لاءِ فلسفيانه وضاحت ۽ عملي رهنمائي ٻنهي کي گڏ ڪري پيش ڪري ٿي.

اشتقاق ۽ جائزو

[سنواريو]

اٻ جو مطلب آهي "مٿاهون" ۽ ڌمّ هتي ٻڌ جي تعليم ڏانهن اشارو ڪري ٿو. تنهن ڪري اٻڌم ٻڌ جي "اعليٰ تعليم" کي ظاهر ڪري ٿو.[6] ٻن سچن جي اصول موجب، ٻڌ پنهنجي تعليم کي ماڻهن جي علمي سطح، ذهني صلاحيت ۽ روحاني ترقيءَ جي درجي مطابق ترتيب ڏنو. بڌ جي تعليم جو وڏو حصو انهن ماڻهن لاءِ هو، جن کي هن پُتٿجّنا چيو. اهي عام ماڻهو هئا جيڪي دنياوي معاملن ۾ مشغول هوندا هئا.[7] ٻڌ مت جي عالم ناردا مھاٿيرا جي لفظن ۾: "ڌمّ، جيڪو سُتّا پاٺ ۾ موجود آهي، روايتي تعليم آهي (پالي: ووهارا ديسنا)، ۽ اٻڌم حتمي تعليم آهي (پالي: پرامتّه ديسنا)".[6]

روايت مطابق، بدھ روشنائي (ٻوڌي) حاصل ڪرڻ کان پوءِ فوراً اٻڌم تي غور ڪيو ۽ پوءِ ڪجهه سالن بعد اهو ديوتائن کي سيکاريو.[8] پوءِ بڌ اهو علم ساريپُتّ کي ورجايو، جنهن پنهنجي شاگردن ڏانهن منتقل ڪيو. هي روايت پريوارا ۾ به ملي ٿي، جيڪو وِنايا پٽڪ جو دير سان لکيل متن آهي، جتي هڪ آخري بيت ۾ چيو ويو آهي ته "هن بهترين هستي، شير، ٽي پٽڪ سيکاريا".[9] جديد مغربي تحقيق مطابق، اٻڌم پاٺ جي شروعات لڳ ڀڳ ٽئين صدي قبل مسيح ۾ ٿي، يعني ٻڌ جي وفات کان 100 کان 200 سال پوءِ.[10] تنهن ڪري ڪيترن عالمن جو خيال آهي ته اٻڌم جا ست ڪتاب ٻڌ جا سڌا لفظ نه پر شاگردن ۽ عالمن جا نتيجا آهن.[1] اٻڌرم ادب غالباً سُتّن جي تشريح ۽ توسيع طور شروع ٿيو، پر پوءِ پنهنجا الڳ نظريا به تيار ڪيا.[11] ... پالي ڪينن (اصولن) جي ابتدائي متنن ۾ اٻڌم پاٺ جو ذڪر نٿو ملي.[12] پهريون ٻڌ ڪائونسل جي ڪجهه بيانن ۾ به اٻڌم جو ذڪر ناهي، جيتوڻيڪ وِنايا ۽ پنجن نڪايان يا چئن آگمان جو ذڪر آهي.[13] ڪجهه ٻيا بيان اٻڌم کي شامل ڪن ٿا.[14] روپرٽ گيٿن جو خيال آهي ته اٻڌرم جي طريقي جا اهم عنصر شايد بڌ جي حياتيءَ ۾ ئي موجود هئا.[15]

مواد

[سنواريو]

اٻڌم پاٺ ست ڪتابن تي مشتمل آهي:[16]

پالي اٻڌم مجموعو ٻين ابتدائي ٻڌ اسڪولن جي اٻڌرم ادب کان گهڻو مختلف آهي.[17]

ڌممسنگڻي

[سنواريو]

ڌممسنگڻي (ڌمّن جو خلاصو) راهبن لاءِ اخلاقي دستور آهي.[17] اهو هڪ ماتِڪ (درجا بندي فهرست) سان شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڌمّن جي درجابندي ڏني وئي آهي.

ويڀنگا

[سنواريو]

ويڀنگا (ورهاست يا درجابندي) 18 بابن تي مشتمل آهي، هر باب هڪ موضوع سان لاڳاپيل آهي.[17]

ڌاتُڪٿا

[سنواريو]

ڌاتُڪٿا (عنصرن تي بحث) ڌمّن کي پنج مجموعن، ٻارنھن بنيادن ۽ ارڙھن عنصرن سان لاڳاپيل ڪري بيان ڪري ٿي.[17]

پُگگلپنّتي

[سنواريو]

پُگگلپنّتي (شخص جي سڃاڻپ) ماڻھن جي قسمن جي درجابندي پيش ڪري ٿي، جيڪي بڌ جي راهه جي مختلف مرحلن سان لاڳاپيل آهن.[17]

ڪٿاوٿو

[سنواريو]

ڪٿاوٿو (تڪراري نقطا) نظرياتي سوالن تي ٻه سئو کان وڌيڪ مباحثن تي مشتمل آهي.[17] ان کي مگگليپُتّا تِسّا ڏانهن منسوب ڪيو وڃي ٿو.

يمڪا

[سنواريو]

يمڪا (جوڙا) سوالن جي جوڙن تي ٻڌل آهي، جيڪي نفسياتي مظاهرن سان لاڳاپيل آهن.[17]

پاٺڻ

[سنواريو]

پاٺڻ (سبب ۽ شرط) 24 حالتن کي بيان ڪري ٿو، جيڪي ڌمّن جي باهمي لاڳاپن کي واضح ڪن ٿيون.[17]

روايت ۾ حيثيت

[سنواريو]

ڪلاسڪي سنهالي ٻڌ ڌرم ۾ اٻڌم پاٺ جي اهميت ان ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿي ته ان کي نه رڳو، جيئن گهڻو ڪري ٻين ڪينوني ڪتابن سان ٿيو، هڪ تفسير ۽ ان تفسير تي ذيلي تفسير مهيا ڪئي وئي، پر ان ذيلي تفسير تي به هڪ ٻي ذيلي تفسير تيار ڪئي وئي. جديد دور ۾، برما ٻڌ مطالعي لاءِ اٻڌم جو مکيه مرڪز بڻجي ويو آهي. تنهن هوندي به ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ سري لنڪا ٻنهي هن کي وڏي عزت سان ڏسن ٿا.[17] اٻڌم پاٺ يا ان جا خلاصا عام طور تي ٿيرواڊا جنازي رسمن ۾ پڙهيا ويندا آهن.[3][4]

ميانمار (برما)

[سنواريو]

ميانمار ۾، مڪمل اٻڌم—خاص طور تي پاٺڻ (Paṭṭhāna) جا پنج جلد—رسمي طور تي حفاظت لاءِ پڙهيا ويندا آهن.[18] پاٺڻ، جيڪو ذهني ۽ جسماني مظاهرن جي هڪ ٻئي سان لاڳاپيل سببن کي بيان ڪري ٿو، ٻڌ جي سڀ ڄاڻ (omniscience) جي علامت ۽ سندس تعليمات جي حفاظت طور ڏٺو ويندو آهي.[18] اهو عام طور تي مڃيو وڃي ٿو ته اهو هر قسم جي خطري کان بچاءُ ڪري ٿو، ديوتائن کي راضي ڪري ٿو ۽ بدروحن کي پري ڪري ٿو.[18] ان جي گهري ۽ شديد نوعيت سبب، ان کي اڪثر ڪرنيميتا سُتّه (Metta Sutta) سان گڏ پڙهيو ويندو آهي، جيڪو محبت ۽ مهربانيءَ جو ذڪر ڪندڙ منتر آهي، جيئن توازن ۽ راحت مهيا ٿي سگهي.[18] اٻڌم پاٺ جو آخري ڪتاب، پاٺڻ، منڊلي ۾ ٿيندڙ سالياني ميلي دوران لڳاتار ست ڏينهن ۽ ست راتيون پڙهيو ويندو آهي.[4]

ڪمبوڊيا، لاوس ۽ ٿائيلينڊ

[سنواريو]

ٿائيلينڊ ۾، دي رايل چانٽنگ بڪ مان اٻڌم پاٺ جو مختصر نسخو جنازي رسمن ۾ پڙهيو ويندو آهي ته جيئن فوت ٿيل شخص جي ايندڙ زندگي ڏانهن منتقلي ۾ مدد ملي سگهي.[18] ٿائيلينڊ ۾ 15هين ۽ 16هين صديءَ دوران تيار ڪيل اٻڌم متن 20هين صديءَ جي شروعات تائين عام ماڻهن کي پڙهايا ويندا رهيا.[4] اٻڌم پاٺ جي ستن ڪتابن جا مختصر نسخا ٿائي ۽ خمير مخطوطن جي مجموعن ۾ سڀ کان وڌيڪ عام متنن مان آهن.[19] 20هين صديءَ جي شروعات ۾ لوئي بنو (ماھر آثار قديم) (Louis Finot) پاران ڪيل هڪ سروي مان معلوم ٿيو ته اٻڌم پاٺ ٽنهي پاٺن مان واحد اهڙو ڪتاب هو جيڪو گهڻين لاوسي خانقاهن وٽ مڪمل صورت ۾ موجود هو.[3]

ڏسو پڻ

[سنواريو]

ٻاهرين ڳنڍڻيون

[سنواريو]

سانچو:ٻڌ مت جا موضوع

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 "Abhidharma Pitaka." Encyclopædia Britannica. Ultimate Reference Suite. Chicago: Encyclopædia Britannica, 2008.
  2. Bareau, André. Les premiers conciles bouddhiques.
  3. 1 2 3 Strong, John S. (1992) (English ۾). The Legend and Cult of Upagupta. Princeton and Oxford: Princeton University Press. p. xi. ISBN 0-691-07389-9.
  4. 1 2 3 4 Swearer, Donald K. (1992). "A Summary of the Seven Books of the Abhidhamma". in Donald S. Lopez (English ۾). Buddhism in Practice. Princeton and Oxford: Princeton University Press. pp. 336–342. ISBN 0691044422.
  5. A DICTIONARY OF SINDHI : Jt. LITERATURE MOTILAL JOTWANIFirst Edition : 13 January, 1996 New Delhi, page:4
  6. 1 2 پنهنجي ترجمي جي تمهيد ۾ ڀدانتا انُرُڌّاچاريه جي اٻڌمّتٿسنگھا بابت ناردا مھا ٿيرا لکي ٿو: "اٻڌم، جيئن نالي مان ظاهر آهي، ٻڌ جي اعليٰ تعليم آهي. اهو سندس گهري تعليم جي نچوڙ کي بيان ڪري ٿو." ا مينوئل آف اٻڌم؛ ناردا مھاٿيرا؛ پهريون ڇاپو، 1956.
  7. نياناتِلوڪا مھاٿيرا موجب پُتٿجّنا جو لفظي مطلب آهي "گهڻن مان هڪ"، يعني عام انسان، جيڪو اڃا تائين سڀني ڏهن ٻنڌڻن (سنيوجن) سان ٻڌل آهي ۽ اڃا تائين پاڪيزگي جي چئن مرحلن (ارِيا پُگّلا) مان ڪنهن تي به نه پهتو آهي.
  8. مالالاسيڪيرا، ڊڪشنري آف پالي پراپر نيمز، 1938، جلد 1، صفحو 138
  9. بُڪ آف دي ڊسيپلن، جلد 6، صفحو 123
  10. رچرڊ گومبرچ، هائو ٻڌزم بگن، 2006، صفحو 4
  11. "Abhidhamma Pitaka", Encyclopædia Britannica, Encyclopædia Britannica, Inc., 2008۔
  12. ڪنائي لال هزرا، پالي لئنگويج اينڊ لٽريچر، جلد 1، صفحو 412
  13. I.B. Horner، Book of the Discipline، جلد 5، صفحو 398
  14. واردر، انڊين ٻڌازم، صفحو 196
  15. فائونڊيشنز آف بدھزم، 1998، صفحو 48
  16. Bodhi, Bhikkhu (2012). Comprehensive Manual of Abhidhamma: The Abhidhammattha Saṅgaha of Ācariya Anuruddha (PDF ed. ed.). Pariyatti Publishing. p. 2. ISBN 978-1-938754-24-1.
  17. 1 2 3 4 5 6 7 8 9 Encyclopædia Britannica. "Abhidharma Pitaka." Chicago: Encyclopædia Britannica, 2008.
  18. 1 2 3 4 5 Crosby, Kate; Kyaw, Pyi Phyo (19 آڪٽوبر 2022), "Practices of Protection in the Pali World", Oxford Research Encyclopedia of Religion (انگريزي ٻولي ۾), آئي ايس بي اين 978-0-19-934037-8, ڊي او آئي:10.1093/acrefore/9780199340378.013.764, حاصل ڪيل 01 مارچ 2023۔
  19. Skilling, Peter. “Scriptural Authenticity and the Śrāvaka Schools: An Essay towards an Indian Perspective.” The Eastern Buddhist, vol. 41, no. 2, 2010, pp. 1–47. JSTOR, www.jstor.org/stable/44362554. Accessed 25 Feb. 2020.