مواد ڏانھن هلو

آڪلينڊ، ڪيليفورنيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آڪلينڊ (Auckland) آمريڪي رياست، ڪيليفورنيا ۾ سان فرانسسڪو بي ايريا جي ايسٽ بي علائقي ۾ هڪ شهر آهي. اهو الميدا ڪائونٽي جي ڪائونٽي سيٽ ۽ سال 2020ع ۾ 4,40,646 جي آبادي سان، سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر آهي. ويسٽ ڪوسٽ جي هڪ وڏي بندرگاهه، اوڪلينڊ ايسٽ بي ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر، بي ايريا ۾ ٽيون سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر ۽ ڪيليفورنيا ۾ اٺون سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر آهي. اهو بي ايريا جي واپاري مرڪز طور ڪم ڪري ٿو. آڪلينڊ جو بندرگاهه اتر ڪيليفورنيا ۾ مصروف ترين بندرگاهه ۽ آمريڪا ۾ پنجون يا ڇهون مصروف ترين شهر آهي. آڪلينڊ کي 4 مئي 1852ع تي، ڪيليفورنيا جي "سون جي رش" (Gold Rush) جي ڪري، رياست جي وڌندڙ آبادي جي نتيجي ۾، هڪ چارٽر شهر طور شامل ڪيو ويو.

حوالا

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]