مواد ڏانھن هلو

آکاڻي راءِ ڏياچ سورٺ جي(1849ع)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آکاني راءِ ڏياچ سورت جي
ملڪسنڌ، برٽش انڊيا
ٻوليسنڌي ٻولي
موضوعسنڌي لوڪ ادب
صنفلوڪ ڪهاڻي
ڇپيو1849ع



آکاڻي راءِ ڏياچ سورٺ جي: سنڌي نثر جو پهريون غير مذهبي (سيڪيولر) ادبي ڪم سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو 1849ع ۾ اڌارام ٿانورداس مرچنداڻي طرفان لکيو ويو. هيءَ آکاڻي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ انتهائي اهم حيثيت رکي ٿي، ڇاڪاڻ⁠تہ هن ڪتابي صورت ۾ سنڌي لوڪ ڪهاڻيءَ کي محفوظ ڪيو ۽ سنڌي نثر جي شروعاتي ارتقا کي نمايان ڪيو. هيءَ آکاڻي ڪپتان جارج اسٽيڪ جي ڪتاب A Grammar of the Sindhi Language (1849ع) سان ضميمي طور شايع ٿي، جيڪو بمبئي جي امريڪن مشن پريس مان ڇپيو[1]. ان ۾ سنڌي متن ديو ناگري رسم الخط ۾ ڏنل هو، جيڪو ان دور جي نوآبادياتي علمي روايتن کي ظاهر ڪري ٿو، جڏهن يورپي عالمن سنڌي ٻولي ۽ ادب کي منظم نموني سان دستاويزي صورت ڏيڻ شروع ڪئي. جارج اسٽيڪ، جيڪو سنڌ جي حيدرآباد ۾ برطانوي ڊپٽي ڪليڪٽر هو، لڳ ڀڳ ڏيڍ سال ۾ سنڌي ٻولي سکڻ بعد مقامي مدد سان هيءَ گرامر ترتيب ڏني. مضمون جي لحاظ کان، آکاڻي راءِ ڏياچ سورٺ جي سنڌ جي مشهور لوڪ داستان تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ سورٺ ۽ راڄا راءِ ڏياچ جي ڪهاڻي بيان ڪئي وئي آهي. هيءَ ڪهاڻي محبت، قرباني، راڄ ڌرم ۽ انساني عظمت جي موضوعن تي ٻڌل آهي ۽ سنڌي زباني روايت جو اهم حصو رهي آهي. هن نثري آکاڻي ذريعي زباني لوڪ ادب کي لکت ۾ محفوظ ڪيو ويو، جيڪو بعد وارن دورن جي سنڌي ادبي ترقي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو. ادبي ۽ تاريخي لحاظ کان، هيءَ آکاڻي سنڌي نثر جي شروعاتي سنگ ميلن مان هڪ آهي، جيڪا نه رڳو لوڪ ادب جي حفاظت ڪري ٿي، پر سنڌي ٻوليءَ کي جديد ادبي اظهار ڏانهن آڻڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

حوالا

[سنواريو]
  1. A DICTIONARY OF SINDHI : Jt. LITERATURE MOTILAL JOTWANIFirst Edition : 13 January, 1996 New Delhi, page:1