آچر فقير مڱڻهار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فقير محمد آچر مڱڻهار 1929ء ڌاري ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ محسن ڏگي ۾ پيدا ٿيو، سندس اصل نالو مور فقير هو. اکيون کولڻ سان سندس واسطو سُر ۽ تال سان پيو، ان لاءِ پڙهي ڪو نه سگهيو. هن راڳ جي شروعاتي سکيا پنهنجي چاچن الهڏني فقير ۽ امين فقير کان حاصل ڪئي، جيڪي ان وقت پنهنجي تَـرَ ۾ راڄ ڀاڳ وارا ۽ ناميارا ڪلاسيڪل شرنائي نواز هئا. ان کان پوءِ ٽنڊي الهيار جي ڪلاسيڪل راڳين استاد ملڪ مظهر خان، ڪلو ڀائي ۽ محمد رمضان کان راڳ جي سکيا ورتائين. هن کي موسيقيءَ جا وڏا قدردان مليا، جن ۾ غلام رسول شاهه جيلاني ميرپورخاص وارو، ملوڪ شاهه بڪيرن وارو، خادم علي شاهه، سالڪ لاکو ۽ حاجي لکانو ڪوري وغيره اچي وڃن ٿا. جن سندس قدرداني ۽ همت افزائي ڪئي. هن سنگيت جي کيتر ۾ خاص طور شرنائيءَ جي ميدان ۾ نوان تجربا ڪيا. سندس اوطاق سنگيت اڪيڊمي لڳندي هئي. مڱڻهارن جي ڪاڄن ۾ سرن ۽ سازن جي چٽاڀيٽيءَ دوران سنڌ جا نالي وارا جوڙ هڪ ٻئي پٺيان ميدان مارڻ لاءِ حيلا هلائيندا هئا. آچر فقير جي زندگيءَ ۾ اهڙين چٽا ڀيٽين جا ڪيترائي مرحلا آيا، پر ڪڏهن به ڪنهن کانئس کٽڻ ته پري رهيو، پر همعصري جي به دعوا نه ڪئي. آچر فقير نه رڳو شرنائي وڄائڻ ۾ وڏو نالو ڪڍيو، پر هن گائڪيءَ ۾ به ڪمال حاصل ڪيو. سندس اوطاق تي وقت جا وڏا وڏا خانصاحب اچي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا، جن ۾ استاد منظور علي خان، استاد اميد علي خان، استاد امانت علي خان، استاد محمد جمن، شادي فقير، استاد نياز حسين وغيره قابل ذڪر آهن. ريڊيو ۽ ٽي وي تي به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. سندس ڪيتريون ئي آڊيو ڪيسٽون پڻ جاري ٿيون. هن 23 نومبر 1998ء تي وفات ڪئي ۽ پڳ سندس پُٽ رسول بخش کي ٻڌائي وئي.[1]

حوالا[سنواريو]