مواد ڏانھن هلو

آپريشن ٻليون اڇلڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آپريشن ڪيٽ ڊراپ(Operation cat drop) 1960ع ۾ برطانوي راڄ جي هوائي فوج (Royal Air Force) طرفان سراواڪ (اڄ جو ملائيشيا) جي بورنيو ٻيٽ جي ڏورانهن علائقن ۾ ٻليُن کي جھازن مان پيراشوٽ ذريعي اڇلڻ جو منصوبو هو. اٽڪل چاليھ هزار ٻليون سنگاپور مان جهاز ذريعي آنديون ويون ۽ ڇڏيون ويون ته جيئن ڪوئن جي وبا تي ضابطو آڻي سگهجي.

اصل ۾ معاملو تڏهن شروع ٿيو جڏهن 1950ع واري ڏهاڪي ۾ ان علائقي ۾ مليريا ڪر کنيو ۽ موت واقع ٿيڻ لڳا. جنھن جي خاتمي لاءِ DDT نالي انسڪٽي سائيڊ استعمال ڪئي وئي، جنهن سان مڇر ته مري ويا پر زهر سبب مقامي ٻليون مري ويون ۽ ڪوئن جي آبادي وڌي وئي. جن فصل ۽ دڪان ته تباھ ڪري ڇڏيا پر رهندو ماڻھن کي پڻ ايذاءُ پھچائڻ شروع ڪري ڇڏيئون. ٻليون مرڻ جو سبب سڌو سنئون DDT جو اثر يا ان سان متاثر ٿيل جيتن جھڙوڪ ڪرڙين, ڳوهن ۽ سانڊن کي کائڻ هو.

ٻليُن جي گهٽتائي ۽ ڪوئن جي وڌڻ سبب ان علائقي ۾ وڏي ماحولياتي مٽا سٽا ٿيڻ شروع ٿي فائدي بدران ويتر ڳالھ ڳچيءَ ۾ پوڻ شروع ٿي. تنھنڪري فيصلو اهو بيٺو ته  هوائي جھازن ذريعي ٻاهران نيون ٻليون اڇليون وڃن، ته جيئن ڪوئن جي وبا تي قابو پائي سگھجي. جنهن کي "آپريشن ڪيٽ ڊراپ" چيو ويو. ان واقعي کي ماحولياتي نظام جي باري ۾ هڪ اهم سبق طور ڏٺو وڃي ٿو، جيئن هڪ مسئلي جي حل لاءِ ڪيل فطرت سان ڇيڙ ڇاڙ ٻين مسئلن کي جنم ڏئي سگهي ٿي.

هي آپريشن اهو سيکاري ٿو ته قدرتي نظام هڪٻئي سان ڳنڍيل هوندا آهن، ۽ انسان جي مداخلت غير متوقع نتيجن جو سبب بڻجي سگهي ٿي. انهيءَ ڪري ماحوليات ۾ فيصلن وقت سسٽم ٿنڪنگ ضروري آهي.