مواد ڏانھن هلو

آيوڊين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آيوڊين
آيوڊين هڪ واڱڻائي گيس ۾ تبديل ٿيندي
آيوڊين هڪ واڱڻائي گيس ۾ تبديل ٿيندي
علامتI
ايٽمي انگ (Z)53
ايٽمي وزن (A)126.90447±0.00003
126.90±0.01
گروپVII A (Halogen Group)
سيريز5
بلاڪp-block
اليڪٽران جي ترتيبKr , 4d10 , 5s2 ,5p5
اليڪٽران في شيل2, 8, 18, 15 , 7
معياري دٻا ۽ پد تي حالتٺوس
ايٽمي ريڊيس140 پيڪو ميٽر
آڪسائيڊيشن نمبر1- (عام طور)،+1، +3، +5، +7، +2، +4، +6
گھاٽائي4.944 گرام في ڪعبي سينٽي ميٽر (20C)
سڃاڻپ?
Atomic radius140 پيڪو ميٽر
حڪومت
• اُبلڻ جو نقطو457.4 K 184.3 °C
• پگھلڻ جو نقطو386.85 K ​ 113.7 °C
• فيوزن جي گرمي15.52 ڪلو جول في مول
• مولر گرمي جي گنجائش54.44 جول في مول-ڪيلون
• Heat of vaporisation41.57 kJ/mol

1st: 1008.4 kJ/mol 2nd: 1845.9 kJ/mol

3rd: 3180 kJ/mol

آيوڊين (Iodine) هڪ ڪيميائي تت آهي جن جي علامت "I" ۽ ايٽمي نمبر "53" آهي. اها مستحڪم حالت ۾ هيلوجنز مان سڀ کان ڳرو تت آهي، اهو معياري حالتن ۾ هڪ نيم چمڪندڙ، غير ڌاتو ٺوس جي طور تي موجود هوندو آهي جيڪو °114 سينٽي گريڊ (°237 فارنهائيٽ) تي هڪ واڱڻائي مائع ٺاهي ٿو ۽ °184 سينٽي گريڊ (°363 فارنهائيٽ) تي هڪ واڱڻائي گئس ۾ اُبلندو آهي. هي تت سال 1811ع ۾ فرانسيسي ڪيميا دان برنارڊ ڪورٽوئس پاران دريافت ڪيو ويو هو ۽ ٻن سالن بعد جوزف لوئس گي-لوساڪ پاران قديم يوناني لفظ "آيوڊس" (Ιώδης)، جنهن جي معنيٰ "واڱڻائي" آهي، سان هن جو نالو رکيو ويو.

آئيوڊين ڪيترن ئي آڪسائيڊيشن حالتن ۾ ٿئي ٿو، جن ۾ آئيوڊين آئن(I−)، آئيوڊيٽ آئن (IO-3) ۽ مختلف پيريوڊيٽ اين آئن شامل آهن. سڀ کان ڳري ضروري معدني غذائيت جي طور تي، آئيوڊين ٿائرائيڊ هارمونز جي ٺهڻ لاءِ گهربل آهي.[1] آئيوڊين جي گهٽتائي تقريبن ٻه ارب ماڻهن کي متاثر ڪري ٿي ۽ ذهني معذوري جي روڪٿام لاء مکيه ذريعيو آهي. [2]

اڄ آئيوڊين جا غالب پيدا ڪندڙ چلي ۽ جاپان آهن. ان جي اعلي ايٽمي نمبر ۽ نامياتي مرڪبن سان ڳنڍڻ جي آساني جي ڪري، ان کي هڪ غير زهريلي ريڊيوڪونٽرسٽ مواد جي طور تي پڻ پسند ڪيو ويندو آهي. انساني جسم پاران ان جي جذب جي خاصيت جي ڪري، آئيوڊين جا ريڊيو ايڪٽو آئسوٽوپس ٿائرائيڊ ڪينسر جي علاج لاءِ پڻ استعمال ڪري سگهجن ٿا. آئيوڊين کي ايسيٽڪ ايسڊ ۽ ڪجهه پوليمر جي صنعتي پيداوار ۾ هڪ ڪيٽالسٽ طور پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي. اهو عالمي صحت تنظيم (WHO) جي ضروري دوائن جي فهرست تي آهي.[3]

طبيعي خاصيتون

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Iodine". Micronutrient Information Center, Linus Pauling Institute, Oregon State University, Corvallis. 2015. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 17 April 2015 تي محفوظ ڪيل. 20 November 2017 تي حاصل ڪيل.
  2. McNeil Jr DG (16 December 2006). "In Raising the World's I.Q., the Secret's in the Salt". The New York Times. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 12 July 2010 تي محفوظ ڪيل. 21 July 2009 تي حاصل ڪيل.
  3. World Health Organization (2021). World Health Organization model list of essential medicines: 22nd list (2021). Geneva: World Health Organization. hdl:10665/345533. WHO/MHP/HPS/EML/2021.02.