مواد ڏانھن هلو

آوازي سامان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
هڪ آوازي ايمپلي فائر آوازي سامان جو عام جزو آهي.

آوازي سامان (Audio equipment) انهن اوزارن کي چيو ويندو آهي جيڪي آواز کي ٻيهر پيدا ڪن، رڪارڊ ڪن يا ان تي پروسيسنگ ڪن. انهن ۾ مائڪرو فون، ريڊيو رسيور، اي وي رسيور، سي ڊي پليئر، ٽيپ رڪارڊر، ايمپلي فائر، مڪسنگ ڪنسول، ايفيڪٽس يونٽ، هيڊفون ۽ لائوڊ اسپيڪر شامل آهن.[1]

آوازي سامان ڪيترن ئي مختلف حالتن ۾ وڏي پيماني تي استعمال ٿيندو آهي، جهڙوڪ موسيقي محفل، شراب خانو، اجلاس جو ڪمرو ۽ گهر، جتي آواز کي ٻيهر پيدا ڪرڻ، رڪارڊ ڪرڻ يا ان جي شدت وڌائڻ جي ضرورت هوندي آهي.

اهي برقي سرڪٽ، جيڪي آوازي برقيات جو حصو سمجهيا وڃن ٿا، سگنل پروسيسنگ جا مخصوص عمل انجام ڏيڻ لاءِ پڻ تيار ڪيا ويندا آهن، ته جيئن برقي صورت ۾ موجود سگنل ۾ گهربل تبديليون آڻي سگهجن.[2]

آوازي سگنل سنٿيسائزر يا ٻين برقي اوزارن ذريعي برقي سگنل پيدا ڪري مصنوعي طور به تيار ڪري سگهجن ٿا.

ابتدائي دور ۾ آوازي برقيات جي ڊزائن روايتي اينالاگ برقي سرڪٽن جي طريقن سان ڪئي ويندي هئي، پر ڊجيٽل آڊيو ٽيڪنالاجي جي ترقي کان پوءِ هن شعبي ۾ وڏيون تبديليون آيون. ان کان علاوه، ڊجيٽل سگنلن کي انهن جي ڊجيٽل نوعيت سبب ڪمپيوٽر سافٽويئر ذريعي به اهڙيءَ ريت سنڀالي ۽ پروسيس ڪري سگهجي ٿو، جيئن آوازي برقي اوزار ڪندا آهن. اڄ به اينالاگ ۽ ڊجيٽل ٻنهي قسمن جون ڊزائنون استعمال ٿين ٿيون، ۽ انهن مان ڪنهن هڪ جو انتخاب گهڻو ڪري استعمال جي نوعيت تي دارومدار رکي ٿو.[2]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ "How Sound Systems Work". Mediacollege.com. 16 December 2018 تي حاصل ڪيل.
  2. 1 2 Kadis, J. (2011). Introduction to sound recording technology. Informally published manuscript, Stanford Music Department: Center for Computer Research in Music and Acoustics, Stanford University, Stanford, California. "Archived copy" (PDF). اصل نسخو (PDF) مان 2012-02-18 تي محفوظ ڪيل. 2012-05-03 تي حاصل ڪيل.{{cite web}}: CS1 maint: archived copy as title (ڳنڍڻو)

وڌيڪ مطالعو

[سنواريو]

سانچو:برقي نظام