آمريڪي ڪپھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(آمريڪي ڪپھه کان چوريل)

تاندورن وارن فصلن مان ڪپھ ھڪ اھم فصل آھي، جنھن تي پاڪستان جي ملڪي معيشت جو مدار آھي، سنڌ ۾ ڪپھ جا ٻہ مشھور قسم پوکيا ويندا آھن: ھڪ آمريڪي، ٻيو ديسي. ديسيءَ ۾ سنڌي ۽ مصري ڪپھ پوکبي آھي. آمريڪي ڪپھ جا مشھور قسم بي 5570، ايم. اين. ايڇ 93 ۽ بي. ايس 1 آھن، جيڪي سٺين تندن واري ڪپھ جي وڌيڪ پيداوار ڏيندا آھن. ھن وقت بہ وڌيڪ ۽ سٺي پيداوار ڏيڻ لاءِ تجربا ھلندڙ آھن، جن مان ايڪسپريس، ايل. ايڇ 62 ۽ ايل ايڇ 71 اھڙيون جنسون آھن، جيڪي آئندي لاءِ نفعي بخش ثابت ٿينديون. اھي قسم خاص ڪري ان لاءِ سٺا آھن، جو وقت کان اڳي ڦٽندڙ آھن، ٻيو تہ جيتن جي حملي خلاف دفاعي قوت پڻ رکندڙ آھن.[1]

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. آمريڪي ڪپھ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع