آمريڪي کنڊ جا کاڌا

آمريڪي کنڊ جا کاڌا (Cuisine of Americas)، يا پان-آمريڪي کاڌا (Pan-American Cuisine)، کاڌي جي تياري جي مختلف اندازن تي مشتمل آهن.[1]
اتر آمريڪا جا کاڌا
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو اتر آمريڪي کاڌا
اتر آمريڪي کاڌن ۾ اهي کاڌا شامل آهن جيڪي اتر آمريڪا جي ملڪن ۾ مقامي آهن يا تمام گهڻا مشهور آهن، جهڙوڪ ڪيناڊا جا کاڌا، آمريڪا جا کاڌا، ميڪسيڪو جا کاڌا ۽ لاطيني آمريڪا ۽ وچ آمريڪا جا کاڌا. اتر آمريڪي کاڌن تي ڪيترين بين الاقوامي کاڌن جو اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، خاص طور يورپي کاڌن ۽ پڻ مقامي آمريڪي کاڌن، يھودي کاڌن طعام ۽ ايشيائي کاڌن جو اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
هڪ وسيع جاگرافيائي-طعامي اصطلاح طور، اتر آمريڪي کاڌن ۾ لاطيني آمريڪي کاڌا وچ آمريڪي کاڌا ۽ ڪيريبين کاڌا پڻ شامل آهن. اهي علائقا اتر آمريڪا جو حصو آهن، تنهنڪري اهي علائقائي کاڌا پڻ اتر آمريڪي کاڌ خوراڪ جي دائري ۾ اچن ٿا.
تنهن هوندي به، "علائقائي" اصطلاح ڪجهه قدر مبهم آهي، ڇاڪاڻتہ مثال طور پورٽو ريڪو جا کاڌا، ڪيوبا جي کاڌن کان نمايان طور مختلف ٿي سگهن ٿا؛ ميڪسيڪي کاڌا سرحد پار ڪري "ٽيڪس-ميڪس" ۽ "ميڪسي-ڪيلي" جهڙن ذيلي کاڌن تائين پکڙجي وڃن ٿا؛ ۽ مشي گن ۽ اونٽاريو جي کاڌن ۾ پاڻ ۾ وڌيڪ هڪجهڙائي آهي، بنسبت ان جي جو انهن مان ڪنهن جي مينيٽوبا يا آئيووا جي کاڌن سان هجي.
ملڪ
[سنواريو]- آمريڪي کاڌا
- انگوئلا جا کاڌا
- اينٽيگوا ۽ باربوڊا جا کاڌا
- باربيڊين کاڌا
- بھاميائي کاڌا
- بيليز جا کاڌا
- برموڊين کاڌا
- ڪيناڊا جا کاڌا
- ڪيمن ٻيٽن جا کاڌا
- ڪوسٽاريڪا جا کاڌا
- ڪيوبا جا کاڌا
- ڊومينيڪا جا کاڌا
- ڊومينيڪن ريپبلڪ جا کاڌا
- گرين لينڊ جا کاڌا
- گريناڊا جا کاڌا
- گوئٽي مالا جا طعام
- هيٽي جا طعام
- هونڊورس جا طعام
- جميڪائي طعام
- ميڪسيڪي طعام
- نيڪاراگوا جا طعام
- پاناما جا طعام
- پورٽو ريڪن طعام
- سينٽ لوشين طعام
- سلواڊورين طعام
- ٽرينڊاڊ ۽ ٽوباگو جا طعام
- ورجن ٻيٽن جو طعام
ڏکڻ آمريڪا جا کاڌا
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڏکڻ آمريڪي کاڌا
ڏکڻ آمريڪا جي کاڌن جا ڪجهه تمام شاهڪار کاڌا ان کنڊ جي وچئين حصي، يعني ايميزون طاس مان اچن ٿيون. پيرو جهڙن ملڪن ۾ اِنڪا ۽ سندن "اِنڪا کاڌن" جو مضبوط اثر ملي ٿو. ٻٽاٽا ۽ پڻ "ڪينوئا" جهڙا ٻوٽا اڪثر پوکيا وڃن ٿا. ڏکڻ آمريڪا جي الهندي ڪناري سان پئسفڪ سمنڊ موجود آهي، جيڪو سامونڊي خوراڪ جو هڪ وڏو ذخيرو فراهم ڪري ٿو. هن کنڊ ۾ ڪيترائي ميداني علائقا به آهن، جيڪي گهڻي خوراڪ جي پوک لاءِ زرخيز آهن. پيٽاگونيا واري علائقي ۾، جيڪو ارجنٽائن جي ڏکڻ ۾ آهي، ڪيترائي ماڻهو رڍ ۽ دنبو ۽ هرڻ جو گوشت پيدا ڪن ٿا. ڪنگ ڪيڪڙو عام طور کنڊ جي ڏاکڻي ڇيڙي تي پڪڙيو وڃي ٿو. انٽارڪٽڪ ڪرل تازو ئي دريافت ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي ان کي هڪ نفيس کاڌو سمجهيو وڃي ٿو. ٽونا مڇي ۽ گرم علائقن جون مڇيون سڄي کنڊ جي چوڌاري پڪڙيون وڃن ٿيون، پر ايسٽر ٻيٽ هڪ اهڙي جاءِ آهي جتي اهي وڏي مقدار ۾ ملن ٿيون. لوبسٽر پڻ "خوان فرنانديز ٻيٽن" مان وڏي مقدار ۾ پڪڙيو وڃي ٿو. برازيل ۾، سندن سڀ کان وڌيڪ روايتي کاڌو "فيجوآدا" آهي.