آمريڪا جي آبادي جا انگ اکر
| آمريڪا جي آباديءَ جا انگ اکر | |
|---|---|
سال 2026ع ۾ آمريڪا جي آباديءَ جو پيرامڊ | |
| آبادي | 331,449,281 (2020 census)[2] |
| آباديءَ جي گهاٽائي | |
| واڌ جي شرح | |
| پيدائش جي شرح | |
| موت جي شرح | |
| زندگيءَ جي اميد | |
| • مرد | |
| • عورت | |
| زرخيزي جي شرح | |
| ٻارڙن جي موت جي شرح | |
| خالص لڏپلاڻ جي شرح | |
| مهاجر آباديءَ جو حصو | 15.2% (2024)[8] |
| عمر جي بناوٽ | |
| 0–14 سال | |
| 15–64 سال | |
| 65 سال ۽ ان کان وڌيڪ | |
| جنس جو تناسب | |
| ڪُل | 0.98 male(s)/female (2023 est.)[12] |
| پيدائش وقت | 1.045 male(s)/female (2022)[13] |
| 15 سالن کان گهٽ | 1.05 male(s)/female (2023 est.)[12] |
| 15–64 سال | 1.01 male(s)/female (2023 est.)[12] |
| 65 سال ۽ ان کان وڌيڪ | 0.82 male(s)/female (2023 est.)[12]
|
| قوميت | |
| قوميت | آمريڪي
|
| وڏو نسلي گروهه |
|
| ننڍو نسلي گروهه |
|
| ٻولي | |
| سرڪاري | انگريزي ڏسو: English was made the official language of the United States by Executive Order 14224 in 2025.[21][22] However, Congress has never passed a bill to designate English as the official language of all three federal branches. English is designated official in 32 of 50 states (and in all five U.S. territories). Hawaiian is official in Hawaii, 20 Native languages are official in Alaska, and Sioux is official in South Dakota.[23] Samoan is an official language in American Samoa,[24] Chamorro is an official language in Guam,[25] Chamorro and Carolinian are official languages in the Northern Mariana Islands,[26] and Spanish is an official language in Puerto Rico.[27] |
| ڳالهائي ويندڙ |
|
| ذريعو: آمريڪا جي آدمشماري جي اداري جو "آمريڪن ڪميونٽي جو سروي"[28] | |
دنيا جي آباديءَ جو اٽڪل %4 حصو رکندڙ آمريڪا (United States) آباديءَ جي لحاظ کان دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ آهي (ڀارت ۽ چين کان پوءِ) ۽ اهو آمريڪي خطي (Americas) توڙي اولهائين اڌ گول (Western Hemisphere) ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو ملڪ آهي. آمريڪي آدمشماري واري اداري (U.S. Census Bureau) جي مطابق، پهرين جولاءِ 2025ع تي ان جي اندازي مطابق آبادي 34,17,84,857 هئي. خالص بين الاقوامي لڏپلاڻ ۾ گهٽتائي سبب،[3] سال 2024ع ۽ 2025ع جي وچ ۾ ملڪ جي آباديءَ ۾ 18 لک (يا 0.5 سيڪڙي) جو اضافو ٿيو. ان کان اڳئين سال، مردم شماري واري اداري 2023ع ۽ 2024ع جي وچ ۾ آباديءَ ۾ 0.98 سيڪڙو جي اضافي جي رپورٽ ڏني هئي، جيڪو عالمي آباديءَ جي واڌ جي شرح (1.03 سيڪڙو) جي ويجهو هو.[29][30] انهن انگن اکرن ۾ 50 رياستون ۽ وفاقي گاديءَ جو هنڌ واشنگٽن ڊي سي شامل آهن، پر آمريڪا جي پنجن غير ضم ٿيل علائقن (پورٽو ريڪو، گوام، يو ايس ورجن آئلينڊز، آمريڪن ساموا ۽ ناردرن ماريانا آئلينڊز) جي 36 لک رهواسين، توڙي ڪيترن ئي ننڍڙن غير آباد ٻيٽن وارن علائقن کي شامل نه ڪيو ويو آهي. مختلف معيارن، جن ۾ نسلي ۽ لساني پس منظر، مذهبي وابستگي ۽ ڳوٺاڻي توڙي شهري آباديءَ جو تناسب شامل آهن، جي بنياد تي "الينواءِ رياست" (Illinois) آمريڪا جي وسيع آباديءَ جي ڍانچي جي بهترين عڪاسي ڪندڙ رياست آهي.[31]
ويهين صديءَ دوران آمريڪا جي آبادي تقريباً چار ڀيرا وڌي وئي؛ سالياني سراسري واڌ جي شرح تقريباً %1.3 رهي، جنهن جي نتيجي ۾ آبادي سال 1900ع ۾ تقريباً 7 ڪروڙ 60 لک (76 ملين) کان وڌي سال 2000ع ۾ 28 ڪروڙ 10 لک (281 ملين) تائين پهچي وئي. [32] اندازو آهي ته آبادي سال 1967ع ۾ 20 ڪروڙ (200 ملين) ۽ 17 آڪٽوبر 2006ع تي 30 ڪروڙ (300 ملين) جي انگ تائين پهتي هئي.[33] ٻاهرين ملڪن مان لڏي ايندڙ ماڻهن (emigrants) جي ڪري آمريڪا جي آبادي ۾ تيزي سان واڌ جو سلسلو جاري رهيو؛ هن گروهه جي آبادي سال 1990ع ۾ تقريباً 2 ڪروڙ (20 ملين) کان وڌي سال 2015ع ۾ 4 ڪروڙ 50 لک (45 ملين) کان مٿي ٿي وئي، [34] جيڪي مجموعي آباديءَ ۾ ٿيل واڌ جو هڪ ٽيون حصو هئي.[35] آمريڪي مردم شماري واري اداري (U.S. Census Bureau) سال 2024ع جي آخر ۾ رپورٽ ڏني ته آمريڪا ۾ تازي لڏپلاڻ (emigration) ملڪ ۾ ٻارن جي پيدائش جي گهٽ شرح جي اثر کي نه رڳو پورو ڪيو پر ان کان به اڳتي وڌي وئي: "آباديءَ جي رجحانن تي خالص بين الاقوامي لڏپلاڻ جو اثر گذريل ڪجهه سالن دوران وڌيو آهي. 2021ع کان وٺي، ملڪ جي آباديءَ ۾ ٿيندڙ واڌ جو وڏو حصو ان ئي سبب سان ٿيو آهي—جيڪو گذريل ٻن ڏهاڪن جي صورتحال کان مختلف آهي، جڏهن "قدرتي واڌ" (پيدائش ۽ موت جي شرح ۾ فرق) ئي بنيادي عنصر هئي." ان جي نتيجي ۾ سال 2022ع، 2023ع ۽ 2024ع جي هر سال ۾ آمريڪا جي آباديءَ ۾ واڌ ترتيبوار %0.58+، %0.83+۽ %0.98+ ٿي. جڏهن ته، سال 2025ع ۾ خالص بين الاقوامي لڏپلاڻ گهٽجي رڪارڊ سطح تي اچي وئي ۽ ان ئي سال آمريڪا جي آباديءَ ۾ واڌ جي شرح پڻ گهٽ رهي (%0.5+).[36]
مجموعي طور تي اقليتن ۾ آباديءَ جي واڌ جي شرح سڀ کان وڌيڪ تيز آهي، ۽ آمريڪي مردم شماري واري اداري جي سال 2020ع واري تجزيي مطابق، 18 سالن کان گهٽ عمر وارن آمريڪي ٻارن مان %50 نسلي اقليتي گروهن سان تعلق رکن ٿا.[37] سال 2020ع تائين، اڇي چمڙي وارن آمريڪين (White Americans) جو تعداد 23,54,11,507 يا ڪل آباديءَ جو 71 سيڪڙو هو؛ ان انگ ۾ اهي ماڻهو به شامل آهن جن پنهنجي سڃاڻپ اڇي نسل سان گڏ ڪنهن ٻئي نسل سان پڻ ظاهر ڪئي هئي. جن ماڻهن صرف "اڇي نسل" جي حيثيت سان سڃاڻپ ڪرائي (جن ۾ هسپانوي نسل جا اڇا ماڻهو به شامل آهن)، انهن جو تعداد 20,42,77,273 يا ملڪ جي ڪل آبادي جو 61.6 سيڪڙو هو، جڏهن ته غير-لاطيني اڇي نسل جا ماڻهو ملڪ جي آبادي جو 57.8 سيڪڙو هئا.[38]
سال 2010ع ۽ 2020ع جي وچ ۾ ملڪ جي ڪل آبادي ۾ ٿيل واڌ جو 51.1 سيڪڙو حصو لاطيني آمريڪين (Latino Americans) جو هو. هسپانوي يا لاطيني آبادي سال 2010ع ۾ 5 ڪروڙ 5 لک (50.5 ملين) کان وڌي سال 2020ع ۾ 6 ڪروڙ 21 لک (62.1 ملين) ٿي وئي، جيڪا %23 واڌ ۽ انگن اکرن جي لحاظ کان هڪ ڪروڙ 16 لک (11.6 ملين) کان وڌيڪ جو اضافو آهي.[39] اميد آهي ته ايندڙ ڏهاڪن ۾ آمريڪا جي آبادي ۾ ٿيندڙ اڪثر واڌ جو سبب مهاجر ۽ سندن آمريڪا ۾ پيدا ٿيندڙ اولاد هوندا.[40]
ايشيائي آمريڪي (Asian Americans) آمريڪا ۾ سڀ کان تيزيءَ سان وڌندڙ نسلي گروهه آهن، جن جي واڌ جي شرح 35 سيڪڙو آهي. جڏهن ته، مختلف نسلن سان تعلق رکندڙ (multiracial) ايشيائي آمريڪي سڀ کان تيزيءَ سان وڌندڙ ذيلي گروهه آهن، جن جي واڌ جي شرح %55 آهي؛ اهو آمريڪا ۾ مختلف نسلن جي ماڻهن جي وچ ۾ ٿيندڙ شادين ۾ واڌ جي عڪاسي ڪري ٿو.
عارضي انگن اکرن موجب، اڇي نسل جي آمريڪي مائرن مان ٿيندڙ ٻارن جي پيدائش آمريڪا جي ڪل پيدائش جو تقريباً 50 سيڪڙو رهي آهي. ڪاري نسل جي آمريڪي ۽ ايشيائي آمريڪي مائرن ۾ ٻارن جي پيدائش جي شرح (fertility rate) ۾ مسلسل گهٽتائي - جنهن ۾ ٻنهي گروهن جي شرح آمريڪي سراسري شرح کان گهڻو هيٺ اچي وئي آهي - جي نتيجي ۾ 2020ع کان وٺي مجموعي پيدائش جي شرح ۾ آهستي آهستي گهٽتائي آئي آهي. ان جي باوجود، وڌيڪ آمدني وارن ملڪن جي ڀيٽ ۾ آمريڪا ۾ پيدائش جي شرح اڃا به بلند ترين سطحن مان هڪ آهي.[41]

پڻ ڏسو
[سنواريو]نوٽ
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "National Population Totals and Components of Change: April 1, 2020 to July 1, 2025". United States Census Bureau. جنوري 27, 2025. جنوري 28, 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "U.S. Census Bureau Today Delivers State Population Totals for Congressional Apportionment". United States Census. اپريل 26, 2021 تي حاصل ڪيل. The 2020 census is as of April 1, 2020.
- 1 2 "U.S. Population Growth Slows Due to Historic Decline in Net International Migration". U.S. Census Bureau. جنوري 27, 2026. فيبروري 2, 2026 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Xu, Jiaquan; Murphy, Sherry; Kochanek, Kenneth D.; Arias, Elizabeth (January 29, 2026). "Mortality in the United States 2024". National Center for Health Statistics Brief / CDC. https://www.cdc.gov/nchs/products/databriefs/db548.htm. Retrieved February 1, 2026.
- ↑ Martin, Joyce; Hamilton, Brady; Osterman, Michelle (2025). "Births in the United States, 2024". NCHS Data Brief (535): 1. doi:. PMID 40996517. PMC 12477703. https://www.cdc.gov/nchs/products/databriefs/db535.htm?CDC_AA_refVal=https%3A%2F%2Fwww.cdc.gov%2Fnchs%2Fupdates%2Ffeature-1.html. Retrieved 24 July 2025.
- ↑ "Infant Mortality". cdc.gov. جُونِ 22, 2022. جُولاءِ 6, 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Net migration rate". cia.gov. CIA. اصل نسخو مان جنوري 4, 2021 تي محفوظ ڪيل. آڪٽوبر 1, 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "International Migrant Stock 2024". United Nations Population Division. جُونِ 12, 2026 تي حاصل ڪيل.
- ↑
- ↑
- ↑
- 1 2 3 4 "Annual Estimates of the Resident Population for Selected Age Groups by Sex for the United States: April 1, 2020 to July 1, 2023 (NC-EST2023-AGESEX)". Census.gov. U.S. Census Bureau, Population Division. جُونِ 2024. جنوري 21, 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Osterman, Michelle; Hamilton, Brady; ۽ ٻيا (اپريل 4, 2024). Births: Final Data for 2022 (PDF). National Vital Statistics Reports (Report). U.S. Department of Health and Human Services, Centers for Disease Control and Prevention, National Center for Health Statistics. ص. 31. جنوري 21, 2025 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 4 5 6 "Race and Ethnicity in the United States: 2010 Census and 2020 Census". U.S. Census Bureau. آگسٽ 12, 2021. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان آڪٽوبر 7, 2021 تي محفوظ ڪيل. سيپٽمبر 18, 2021 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Detailed Races and Ethnicities in the United States and Puerto Rico: 2020 Census". United States census. سيپٽمبر 21, 2023. آڪٽوبر 21, 2023 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Detailed Races and Ethnicities in the United States and Puerto Rico: 2020 Census". United States census. سيپٽمبر 21, 2023. آڪٽوبر 21, 2023 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Detailed Races and Ethnicities in the United States and Puerto Rico: 2020 Census". United States census. سيپٽمبر 21, 2023. آڪٽوبر 21, 2023 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Detailed Races and Ethnicities in the United States and Puerto Rico: 2020 Census". United States census. سيپٽمبر 21, 2023. آڪٽوبر 21, 2023 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Detailed Races and Ethnicities in the United States and Puerto Rico: 2020 Census". United States census. سيپٽمبر 21, 2023. آڪٽوبر 21, 2023 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Detailed Races and Ethnicities in the United States and Puerto Rico: 2020 Census". United States census. سيپٽمبر 21, 2023. آڪٽوبر 21, 2023 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Vivian Ho; Rachel Pannett (مارچ 1, 2025). "A Trump order made English the official language of the U.S. What does that mean?". The Washington Post.
- ↑ Luke Broadwater (مارچ 1, 2025). "Trump Signs Order to Designate English as Official Language of the U.S." The New York Times.
- ↑ Kaczke, Lisa (مارچ 25, 2019). "South Dakota recognizes official indigenous language". Argus Leader.
- ↑ "Samoa now an official language of instruction in American Samoa". Radio New Zealand International. آڪٽوبر 3, 2008.
- ↑ "Guam". Encyclopædia Britannica. آڪٽوبر 24, 2018.
- ↑ "Northern Mariana Islands". Encyclopædia Britannica. آڪٽوبر 19, 2018.
- ↑ Crawford, James. "Puerto Rico and Official English". Language Policy.net. اپريل 27, 2011 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Explore Census Data". اپريل 18, 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "U.S. Population Grows at Fastest Pace in More than Two Decades". U.S. Census Bureau. ڊسمبر 19, 2024. جنوري 14, 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Population growth rate". The World Factbook. Central Intelligence Agency. اصل نسخو مان جنوري 8, 2021 تي محفوظ ڪيل. نومبر 25, 2024 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Illinois ranks as 'most normal state' in U.S. according to Washington Post data analysis". Illinois (آمريڪي انگريزي ۾). WMAQ-TV. مَئي 14, 2024. مَئي 15, 2024 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Statistical Abstract of the United States" (PDF). U.S. Census Bureau. 2005. آڪٽوبر 25, 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "U.S. population hits 300 million mark". MSNBC. Associated Press. آڪٽوبر 17, 2006. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان آڪٽوبر 17, 2006 تي محفوظ ڪيل. آڪٽوبر 17, 2006 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Modern Immigration Wave Brings 59 Million to U.S." Pew Research Center's Hispanic Trends Project. سيپٽمبر 28, 2015.
- ↑ "Changing Patterns in U.S. Immigration and Population". The Pew Charitable Trusts. ڊسمبر 18, 2014.
- ↑ "New 2024 population estimates show nation's population grew by about 1% to 340.1 million since 2023". U.S. Census Bureau. ڊسمبر 19, 2024. ڊسمبر 24, 2024 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Children of color projected to be majority of U.S. youth this year". PBS NewsHour. جنوري 9, 2020.
- ↑ "Racial and Ethnic Diversity in the United States: 2010 Census and 2020 Census". U.S. Census Bureau. مارچ 3, 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "2020 Census Illuminates Racial and Ethnic Composition of the Country". Census.gov. جُونِ 27, 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "U.S. Population Projections: 2005–2050". Pew Hispanic Center. فيبروري 11, 2008. اصل نسخو مان نومبر 30, 2011 تي محفوظ ڪيل. سيپٽمبر 19, 2011 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "About Provisional Natality, 2023 through Last Month". اپريل 25, 2026 تي حاصل ڪيل.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا Demographics of the United States. |
- United States Census Bureau
- New York Times: "Mapping the 2010 U.S. Census"
- 2000 Census of Population and Housing United States, U.S. Census Bureau
- Asian-Nation: Demographics of Asian American /2006-07-04-us-population_x.htm?csp=34 Countdown to 300 million
- Census Ancestry Map
- USA Today 2004 Election County by County Map
- Google – public data "Population in the U.S.A."
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Use American English from April 2015
- All Wikipedia articles written in American English
- Use mdy dates from September 2026
- CS1 آمريڪي انگريزي-language sources (en-us)
- Commons link is locally defined
- Commons category wi local airtin different than on Wikidata
- آمريڪا جي آباديات
- آباديات بلحاظ ملڪ
- اتر آمريڪا جي آباديات
- آمريڪا جون گڏيل رياستون
- آمريڪا ۾ انساني نسل وڌائڻ جو عمل